ھن پيڙاءُ مان آءُ پاڻ نوي جي ڏهاڪي مان گذري چڪو آھيان جڏھن منھنجي دماغ ۾ ھڪ تِڏِ ھوندي ھئي جيڪا مٿي کي پئي ڦيراٽيون ڏياريندي ھئي . روزانو صبح سوير باڊھ کان لاڙڪاڻي ويندو ھئس ۽ شاھنواز لائبريري جو در جھلي بيھندو ھئس ان ڪري ته ان وقت لائبريري جو ھال ننڍو ھوندو ھو جاءِ ملڻ مشڪل ھوندي ھئي اسين ان وقت کان وڃي بيھندا ھئاسين جنھن وقت صفائي ڪرڻ وارا ٻھاري ڏيندا هئا. جئين ئي دروازا کلندا ھئا ته ڊوڙ لڳائي وڃي ڪرسين تي والار ڪندا ھئاسين تنھن ھوندي به ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي ڪوشش ۾ ناڪام ٿي ويندا ھئاسين ڇوڪرا چالاڪي ڪري ويندا ھئا پوءِ اسين پٽ تي ويھي به پنھنجي ڪم سان لڳي ويندا ھئاسين نوجوانن جو وڏو انگ لائبريري ايندو ھو پر سھولتون نه ھجڻ سبب مايوسي ٿيندي ھئي .
خير ھاڻ ته لائبريري کي وڏو ڪيو ويو آھي تنھن ھوندي به ساڳي صورتحال آھي ان جو سبب آبادي وڌڻ ۽ تعليمي ، علمي شعور جو پڻ وڌڻ آھي . اسين صبح جا ويل شام جو واپس ايندا ھئاسين ان وقت نڪرندا ھئاسين جڏھن لائبريري جو وقت پورو ٿي ويندو ھو ، اڪثر اچڻ وڃڻ ريل گاڏي ۾ ٿيندو ھو ان ڪري ته ان وقت ريلوي سسٽم بھتر ھوندو ھو ۽ غربت سبب سستي سواري ھوندي ھئي . صبح واري وقت گاڏي ملندي ھئي واپسي تي ته ٻه گاڏيون ميسر ھونديون ھيون ڪڏھن ڪڏھن ڪو روڊ رستي وڃڻ ٿيندو ھو .
آءُ تياري پئي ڪئي ليڪچرار ٿيڻ لاءِ ان لاءِ قديم ۽ جديد ادب تي ڪيترا ڪتاب مطالعي ھيٺ آڻي ان جا نوٽس ٺاھيندو ھئس ان سان گڏ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڏوڪري ۾ ليڪچرارن سان بحث مباحثو به ھلندو ھو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ اسان جي شھر باڊھ جي ڀرسان ۽ باڊھ ، موھن جو دڙو روڊ ڀر بگي ٻنڊي ڳوٺ جو رھواسي عبدالحق ساريو ليڪچرر ھوندو ھو جنھن جون تعليمي ميدان ۾ وڏيون خدمتون ھيون ان کان اڳ ھو جونيئر اسڪول ٽيچر ھو . جيڪو ٻين سان پڻ ملاقاتون ڪرائيندو ھو . ھو چوندو ھو اوهان ليڪچرر ٿيڻ لاءِ ايڏي وڏي محنت ڪري رھيا آھيو . مون کائنس پڇيو ته ٻيو ڇا ڪريون ؟ ھن وراڻيو ته محنت ڀلي ڳالهھ آھي پر ! الله کٽائي اوھان کي ! ھن مون کي سنڌ پبلڪ سروس جي فضيلت بابت گھڻو ڪجهھ ٻڌايو ۽ ڏس پنڌ به ڏنو .
آءُ ان ڏس پنڌ سان وڃي حيدرآباد ۾ ھڪ اھم شخصيت سان مليس جيڪو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اھم عھدي تي ويٺل ھو آءُ پنھنجا نوٽس به کڻي ويس کيس ڏيکاريا ته مون اھڙي طريقي سان تياري ڪئي آھي . صاحب محبتي انسان ھو خدمت چاڪري به سٺي ڪيائين ته وري حوصله افزائي به محنت تي داد به ڏنائين پر ان سان گڏ اندروني ڳالھيون به کولي بيان ڪيائين بس ان سمورين ڳالھين جو نچوڙ ھي آھي ته ڪاميٽي جا ميمبر (واڳون وارا وات ڦاڙيون ويٺا آھن يا وري سندن وات کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪا وڏي سفارش ڪرايو . ) مون کيس چيو وڏي سفارش پاڻ وٽ آھي ڪانه ، باقي ٻيو طريقو؟ ھن چيو ته پئسو، پر پئسو پاڻ هوڪونه ان لاءِ ڪجهه به نه ٿي سگهيو.
ڪيترو اھو به ٻڌايائين ، پاڻ پورھيت ماڻھو ايڏي وڏي رقم ڪٿان آڻجي ، ھٿ پير ڏاڍا ھنيا پر چوندا آھن "ھوندي واري سڀ ڪو ھوندو آھي.” پاڻ وٽ "ھوندو ھو ڪونه تنھن ڪري پنھنجو ڪير ٿي به نه سگھيو ". بس چوندا آھن ته "غريب جو الله آھي” سو آسرو اھو کڻي انٽرويو ڏنو مون تہ ڏنو انٽرويو ئي ھو پر ميمبر صاحبان جيڪي ڪچھري پئي ڪئي اھا اڄ به ياد آھي . مون سمجھيو ته واھ جو ڪم ٿي ويو بس ! مونکي ھاڻي ڳڻتي ڪرڻ ئي نه گھرجي پر جڏھن رزلٽ آئي ته خبر هيم ته "مال ملھه ماري ويو .”
مون ان کان پوءِ ڏکين لمحن کي منھن ڏنو ھار نه مڃي ٻيھر ڪوشش ڪئي پر نتيجو ساڳيو مليو ته پوءِ پنھنجي مقدر تي ڏوھ ڏئي ھڪ پاسو وٺي ويھي رھيس ۽ پرائمري ماستري کي پنھنجي لاءِ سڀ ڪجهھ سمجھي ٻچڙن جي خدمت ڪرڻ جو وچن ڪيم . جڏھن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڳالھه ٿئي ٿي ته مون کي ان شخصيت جو جملو ياد اچي ويندو آهي جيڪو ڪميشن جي اھم عھدي تي ھو ته ميمبر "واڳون وارو وات ڦاڙيون ويٺا آھن ” .
تازو ميونسپل آفيسرن جي امتحان جو نتيجو سامھون آيو ته خبر پئي ته ھن سڻڀي پوسٽ لاءِ سڀ اُھي ڪامياب قرار ڏنا ويا جيڪي پاڻ سڻڀا آھن ۽ مٿن وڏن ماڻهن جو ھٿ ھو ھرڪو اھڙي پوسٽ جي تلاش ۾ ھو جيڪا ڪنھن غريب ، پورھيت ٻار جي ھجي جيڪو پنھنجن ھٿن ۾ پنھنجي صلاحيت واري سَنَد جي تصوير کڻي فخر سان چوندو ھجي ته مون غريب جي پورھيت جي ٻار کي ميرٽ تي ميونسپل آفيسر بڻايو ويو آھي . جيڪي ڪامياب قرار ڏنا ويا آھن اھي وزيرن ، مشيرن ، ڀوتارن ، مالدارن جا ٻار آھن جن لاءِ اھو به چيو پيو وڃي ته ھو اڳ ماستري ۽ پوليس جي ٽيسٽ ۾ فيل ٿي چڪا آھن . شايد انٽريو وٺندڙ ڪميٽي اھو ميعار رکيو ھجي ته ميونسپل آفيسر جي ڪرسي وڏي مال واري آھي تنھن ڪري ھن جو حق به وڏي مال وارن جو آھي ، غريب ، مسڪين ، مزدور ، پورھيت جي ٻار جو ڪھڙو ڪم !
سوال اھو آھي ته ڀلا سڻڀي ڪرسي تي امير ماڻهن جو حق آھي ڇا ؟ اصل ۾ ايم پي اي ، ايم اين اي ، وزيرن جا سڀ وڏا ڀرجھلا لوڪل گورنمينٽ جا اھڙا آفيسر آھن ميونسپل آفيسر ، ٽائون آفيسر ، يوسي سيڪريٽري وڏيرن جي اوطاقن تي ائين نظر اچن ٿا جئين اڳ تپيدار ۽ صوبيدار نظر ايندا ھئا . ڀوتارن کي ھي موقعو مليو ھو ته ھن پوسٽ تي وڌ کان وڌ پنھنجا ماڻهون لڳائن سو ان ۾ ڪامياب ٿي ويا باقي ميرٽ جي لتاڙ کين نظر ان ڪري نه ايندي ته ان کي لتاڙڻ وارا ھي پاڻ آھن .
تنھن ھوندي به نگران وڏو وزير رٽائرڊ جسٽس باقر صاحب ئي ھن جو نوٽس وٺي سگھن ٿا ياوري چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ئي مھرباني ڪري سگھن ٿا ته ھن رزلٽ کي روڪي مڪمل جاچ ڪرائي حقيقت کي سامھون آڻي غريب جي ٻارڙن سان ڪو انصاف ڪن نه ته ڏاڍا ته ھونءَ ئي ڏاڍا آھن . غريب ڪري بي ڇا سگھندو ؟
مون ان کان پوءِ ڏکين لمحن کي منھن ڏنو ھار نه مڃي ٻيھر ڪوشش ڪئي پر نتيجو ساڳيو مليو ته پوءِ پنھنجي مقدر تي ڏوھ ڏئي ھڪ پاسو وٺي ويھي رھيس ۽ پرائمري ماستري کي پنھنجي لاءِ سڀ ڪجهھ سمجھي ٻچڙن جي خدمت ڪرڻ جو وچن ڪيم .