نوازشريف: سياسي اينٽي بايوٽڪ

تحرير: رياض ابڙو 

نوازشريف ملڪ جو ڇا بچائيندو؟ سوال اهو به آهي ته هاڻي بچيو ڇاهي؟ جو نوازشريف بچائي سگهندو، پر پنجابي سياستدان هجڻ جي سبب اها ڳالھه  مڃون ۽ سمجهون ٿا ته جيڪي به پنجابي اڳواڻ آهن اهي ائين ”سيف اسڪيپ“ وٺي ملڪ ڇڏي ڀڄي هليا ويندا آهن ۽ پوءِ جيڪو ٿيو. اسحاق ڊار جون ڊاڙون ۽ نوازشريف جو بيانو به سڀني جي سامهون آهي ته هن جولاءِ 2017 ۾ چيو هيو ته هن (نوازشريف) کي ڪا ڳالھه  سمجهھ ۾ نه ٿي اچي ڇو ته هن رياست کي ڪي ٻيا لڪل هٿ ٿا هلائن.

ان ڪري ملڪ ڪيئن ٿو هلي اها ڳالھه  سمجهھ کان مٿانهون آهي. نوازشريف جون 1993 کان وٺي جيڪي به حڪومتون رهيون آهن انهن ۾ اها ڳالھه  نه ٿي چئي سگهجي ته اهي حڪومتون ملڪ کي سون ڪري ويون هيون. اها به حقيقت آهي ته جيڪي حالتون اڄ جون آهن اهي ئي بهتر آهن ۽ ماضي جي ڀيٽ ۾ بدتر ۽ سڀاڻي جي ڀيٽ ۾ ڀليون آهن. ان ڪري هر ويندڙ وقت ڀلو آهي ۽ ايندڙ وقت پاڪستاني تناظر ۾ خراب کان خراب ترين آهي. ساڳي جاءَ تي اها ڳالھه  به مڃون ٿا ته اينٽي آرمي سلوگن ڪجھه  نه ٿو ڏئي سگهي، ان ڳالھه  جو اندازو نوازشريف جي ڇنڇر واري لاهور جي جلسي مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن پاڻ تي ڪيترو ضبط ڪري جلسو ڪيو. هي شخص گذريل مهيني اهو چئي ويو هيو ته جيڪي اسٽيبلشمينٽ جا آهن اهي سياست ۾ ملوث هجڻ جي ڪري وڏي گڙٻڙ ڪري ويا آهن (يا ڪندا آهن) ۽ 20 سيپٽمبر 2019 واري گجرانوالا واري جلسي ۾ جيترو هن طاقتور ماڻهن جي خلاف ڳالهايو هيو اهو به رڪارڊ تي آهي، ان ڪري اسان ته کڻي وساري ڇڏيون پر ادارا اها ڳالھه  نه وساريندا.

هونئن پي پي ۽ نون ليگ وارا ڪيترا به ٺهيل هجن پر وزيراعظم واري ڳالھه  تي ٻئي هڪٻئي جا مخالف آهن. اهي سمجهن ٿا ته اهي ان ڳالھه  تي ڪڏهن هڪ نه ٿيندا ته وزيراعظم ٻنهي جي صلاح سان هجي. ان ڪري ته نوازشريف جي اچڻ مان مراد به رڳو وزيراعظم ٿيڻو آهي ۽ بلاول به پي پي جي اميد آهي. ان ڪري ڳالھه  اها ئي بيهندي جنهن ۾ رياست جي مرضي هوندي. مريم نواز به سڄو ڏينهن ٽي وي اسڪرين والاري رڳو هڪ ئي رٽ هڻندي هئي ته عمران خان ڪجھه  به ناهي ۽ نوازشريف سڀ ڪجھه  آهي ۽ رياست به ان ڳالھه  تي ٺاپر ڪرائي ڇڏي ته عمران خان جيڪو ڪيو سو سڀ ڪجھه  غلط هيو. ان ڪري ته ان جي قول ۽ فعل ۾ ڏينهن رات جو فرق هيو ۽ ملڪ ان ڳالھه  جو متحمل نه پيو ٿي سگهي ته ڪو هيءَ اسٽيٽ ٻن ٻيڙن جي سوار ٿي هلي ۽ ممڪن ئي نه هيو ته ائين ٿئي به ان ڪري 9 مئي واري راند عمران خان جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي ۽ رياست وري هڪ ڀيرو ٻيهر مڃرايو ته هڪڙو ريل ۾ ته ٻيو جيل ۾. ڇو جو عمران خان جڏهن ڪرسيءَ تي هيو ته نوازشريف لاءِ ڌرتي تپائي ڏني هيائين هاڻي وري نوازشريف به ساڳي ڳالھه  ڪئي جو عمران خان جيل ۾ ته نوازشريف اهي سکڻا نعرا ۽ دٻي ۾ ٺڪريون آڻي وڄائڻ لڳو آهي. سڀ سمجهن ٿا هن رياست ۾ ڪرسيءَ جي پائيداري ڪو پاليسين جي محتاج ناهي رهي، پاليسيون ڏئي به ڪير نه ٿو سگهي ۽ سڀ سمجهن ٿا شخص ڀلي مٽيو آهي پر ڪلها ساڳيا آهن.

جڏهن ته لنڊن ۾ اهي سڀ گهر جا ڀاتي هن سان سرڪاري خرچن تي ملي موڪلائي دلجاءِ ڏئي ايندا هيا. ايستائين جو آرمي چيف جي سليڪشن کان وٺي چيف جسٽس ۽ اليڪشن ڪميشن جي سربراهن جي رپورٽ پهچائي دل پڪي وري واپس به هليا ايندا هيا. هاڻي به اهو ئي نوازشريف لنڊن مان ٽپڙ ويڙهي اچي ملڪ بچائڻ وارو بڻجي ويو آهي. پر عوام ته سمجهي ٿو ته هي رڳو ”اموشنل بليڪ ميل“ ٿا ڪن. هي سڀ ڪوڙا اڳواڻ اهو سمجهائن ٿا ته هنن کان وڌيڪ ڪير مظلوم ناهي.، ان ڪري ته هي شخص ملڪ جو خيرخواھ آهي ۽ هي ملڪ کي هن معاشي بحران مان ڪڍندو، جڏهن ته ملڪ کي هن ڪنڌيءَ پهچائڻ وارا به آهن ئي اهي.جڏهن ته ڇو جو نوازشريف اهڙي ته نيپوٽزم ۽ پنهنجائپ واري سياسي بيماريءَ ۾ مبتلا آهي جنهن جو علاج ممڪن ناهي ته پوءِ ڪير انهن کي چئي ته اها ڳالھه  غلط آهي. پر آئين ۾ اها ڳالھه  جيڪڏهن جائز هجي ته هي جيڪي عارضي سسٽم هلي تو بس اهو ئي هلي جنهن ۾ ”آپريشنل ڪاسٽ“ صفا نه هجڻ جي برابر آهي. جنهن ۾ ڪو به صدر (علوي جهڙو)، وزيراعظم (شهبازشريف جهڙو) ڪڏهن به پنهنجا چار سو دوست وٺي سعودي حج عمري تي نه ٿو وڃي نه ئي پنهنجن ويجهن ماڻهن کي وزارتون بخشي ٿو ڏئي. ان ڪري ته 90 واري ڏهاڪي واريون 22 اميرترين فيمليون جيڪي هاڻي ملڪ جون اسٽبلشمينٽ ٿي ويون آهن جن جي هٿ ۾ 68 سيڪڙو ملڪ جون صنعتون ۽ ڪمرشل بئنڪون آهن، اهي اندر ئي اندر پنهنجا رستا سڌا ڪري سڀ ڪم سڌا ۽ سولا ڪيون ويٺيون آهن. ان ڪري اهڙي نظام ۾ هاڻي ڪيئن سمجهون ۽ مڃون ته نوازشريف عقل ڪل، سياسي ”اينٽي بايوٽڪ“ آهي، اقتصادي ۽ معاشي ماهر بڻجي ويو آهي.، جيئن هي پنهنجي 300 کان وڌيڪ ذاتي فيڪٽريون ٿو هلائي اتي هڪ ملڪ جي معيشت ۽ بجيٽ جا انگ اکر نه ٿو سمجهي سگهي، هي اهڙو بزنس مين آهي جنهن کي رڳو اهڙي ”بيلسن شيٽ“ کپي جنهن ۾ منافعي جي ڳالھه  واضع هجي باقي پئي وڃي کڏ ۾.

اها به حقيقت آهي ته سياسي حمايت هاڻي رڳو عوامي ڪمن ۾ رکيل آهي جيڪا عوامي ڪم ڪري ماڻي سگهجي ٿي. اها ڳالھه  به ثابت آهي ته هتي ڪير ڪيترو به چئي اهو ملڪ کي سڌو نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته ملڪ جون معاشي حالتون سڌيون نه ٿيون ڪري سگهجن. ان ڪري ته ڪير به عوام سان مخلص ناهي ۽ ڪير به نه ٿو چاهي ته عوام انهن بيڪار جلسن کي ڇڏي ڪو ڪم ڪار ڪري. پر اهي اڳواڻ چاهن ٿا ته اهڙا ”ڊي جي“ هجن جيڪي هنن جي ساراهه ڪن  اهڙا نعرا هڻن جنهن مان عوام جو رت پگهرائي سگهجي ۽ عوام کان اهي سڀ ڪم وسري وڃن ته انهن ڪيو ڇاهي ۽ هاڻي ڇا ڪندا.، ماضيءَ جا ڪرپٽ ترين حڪمران هاڻي جا ايماندار ۽ شريف ترين اڳواڻ بڻجي ٿا وڃن ۽ ڏکئي وقت ۾ اهي سڀ هڪ ٿي ٿا وڃن جو ڪڏهن ”ميثاق جمهوريت“ ٿا جوڙن ته ڪڏهن ”پي ڊي ايم“ ته ڪڏهن ست رنگيون مخالف پارٽيون ٺاهي جوڙي به ڪم ڪڍي ٿا وڃن.

العزيزا شگرمل جي ريفرنس جي جڏهن کول ٿي ته نوازشريف وٺي لنڊن ٿو ڀڄي جو آخري جلسو ڪري موٽيو ئي نه ته انهن ريفرنسز جو ڪو جواب جوڙي ڏجي. باقي اها ڳالھه  ٻي آهي ته هيل تائين حمزاشهباز، مريم شهباز ۽ نوازشريف تي شگرملن کان وٺي جيڪي به آشيانا اسڪيم جي رڪارڊ سڙڻ جا الزام آهن،، مثال ميٽرو بس جو رڪارڊ سڙي ويو، ”قرض اتارو ملڪ سنوارو“ جو رڪارڊ گم ٿي ويو، نندي پور پاور پروجيڪٽ جو رڪارڊ ۽ سستي روٽي پروگرام جو رڪارڊ سڙي ويو، ليپ ٽاپ اسڪيم جو ۽ ايل ڊي اي اسڪيم جو رڪارڊ سڙي ويو، نيلم جهلم ۽ انجنيئرنگ پروجيڪٽ پروگرام جو رڪارڊ سڙي ويو، وفاقي محتسب ۽ اي جي آفيس جو رڪارڊ سڙي ويو، صاف پاڻي جي پروجيڪٽ ۽ ساڍا چار ارب روپين جي معافي تلافي جو رڪارڊ به سڙي ويو، ڳالھه  اها آهي ته ڀلا ايترين غلطين کانپوءِ معاملا ته آخر صحيح ٿين، سرشتن جي نئي سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، پر وفاق جا افعال ته شروع کان ئي خراب رهيا آهن انهن تي ڪو يقين ئي نه ٿو ڪري سگهجي. انهن جي قانون سازي به ڪهڙي چئون جيڪي پاڻ نون حرفتن ۾ ڦاٿا پيا آهن. ڀلي پوءِ اهي کنڊ، اٽي، پيٽرول جي بحرانن جون ڳالهيون هجن، ڪرپشن جون، انهن جا وزير ته آسانيءَ سان ڪرپشن ڪري نڪري ٿا وڃن پر خبر تڏهن پوندي جڏهن اهي ويندا ۽ ٻيا حڪومت ڪندا. ڇو ته رياست جو اصول آهي ته ويندڙ چور آهي ۽ ايندڙ ساڌ. ۽ ڪير به اها ڳالھه نه ٿو چئي سگهي ته 190 پائوڊن وارا، 9 مئي وارا، القادر يونيورسٽيءَ وارا، ڪوڙن اڪائونٽن وارا، سوس بئينڪ ۾ ڪرپشن جا پيسا ڊپازٽ ڪرائڻ وارا، ملڪ رياض جي پٺڀرائي ڪرڻ وارا، لنڊن جي ملڪيتن جا مالڪ، ايون فيلڊ ۾ 10 ملين پائونڊ جا فليٽ وٺن وارا، اوورسيز ملڪيتون ٺاهڻ وارا، بي آر ٽي بسين جي پروجيڪٽ ۾ ڪرپشن ڪرڻ وارا، ڪي پي بي سبب آءِ ٽي پروجڪيٽ هلائڻ وارا، گهڙيون ۽ گاڏيون چوري ڪرڻ وارا چور آهن، ان ڪري ان ڳالھه  جو فيصلو ڪير ڪري ته العزيزا شگرمل جي ريفرنس جي خوف کان ڀڄي ويل نوازشريف کي هاڻي ڪهڙي ڪورٽ دلجاءِ ڏني ته هن سان هن دفعي ڪجھه  نه ٿيندو. ان ڪري ته هي سڀ حاجي ۽ سڀ ساڌ آهن ته ڀلا چور ڪير آهي؟.

90 واري ڏهاڪي واريون 22 اميرترين فيمليون جيڪي هاڻي ملڪ جون اسٽبلشمينٽ ٿي ويون آهن جن جي هٿ ۾ 68 سيڪڙو ملڪ جون صنعتون ۽ ڪمرشل بئنڪون آهن، اهي اندر ئي اندر پنهنجا رستا سڌا ڪري سڀ ڪم سڌا ۽ سولا ڪيون ويٺيون آهن. ان ڪري اهڙي نظام ۾ هاڻي ڪيئن سمجهون ۽ مڃون ته نوازشريف عقل ڪل، سياسي ”اينٽي بايوٽڪ“ آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.