جوهي/ دادو/ واهي پانڌي (پ ر/ نمائندا) واهي پانڌي ۾ عوامي تحريڪ پاران گورک هل اسٽيشن ۾ اربين روپين جي ڪرپشن، تيل گئس ڪمپنين کان ملندڙ اربين رپين جا فنڊ هڙپ ڪرڻ خلاف رستماڻي پمپ کان گورک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن لال جروار، حُورالنساءُ پليجو، نوربانو ملاح، نور احمد ڪاتيار، شيخ جمال ۽ ٻين چيو آهي ته نيون تڪبنديون رد ڪيون ٿا، ڊجيٽل آدمشماري تحت تڪبنديون سنڌ ورهائڻ جي سازش آهي، سنڌ جي زمينن جي نيلامي بند ڪريو، گورک هل اسٽيشن ڪرپشن جي سپريم ڪورٽ جي ڪميشن وسيلي جاچ ڪئي وڃي، ڪاڇي جي زمينن تي والار بند ڪئي وڃي، دنيا چنڊ تي پهچي وئي آهي پر گئس ۽ تيل جي زخيرن سان مالا مال ڪاڇي کي کنڊر بڻايو ويو آهي، دادو ، جوهي، واهي پانڌي، ڊرگهھ سميت ڪاڇي جي سمورا روڊ رستا تباھ ڪيا ويا آهن، اسڪول بند ڪرائي عمارتون وڏيرن جون اوطاقون بڻايون ويون آهن، هٿ وٺي گورک تي رستو ناهي ٺاهيو ويو، فنڊن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، سازش تحت نوجوان نسل کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ ان کان تعليم جو حق کسيو ويو آهي، سردار، ڀوتار دهشت پکيڙي ماڻهن جو ساھ مٺ ۾ ڪيون ويٺا آهن، جيڪو هنن خلاف آواز اٿاري ٿو ان آواز کي دٻائي ويٺا آهن ٻوڏ ۾ ڪي اين شاھ، جوهي ماڻهو متاثر ٿيا، پر هڪ به متاثر کي گهر ٺهرائڻ جا پئسا ناهن مليا آهن جنهن خلاف عوامي تحريڪ هر فورم تي آواز اٿاريو ويندو.