هزارين سبسڪرائبر رکندڙ فلسطيني يوٽيوبر ٻارڙو به اسرائيلي بمباري ۾ شهيد

غزا (م ڊ) غزا تي اسرائيلي بمباري ۾ 12 ورهين جو فلسطيني يوٽيوبر عوني الدوس به شهيد ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب الدوس جي شهادت  جو اطلاع فلسطيني رضاڪارن سوشل ميڊيا تي ڏنو. 12 ورهين جي عوني الدوس غزا تي تازي اسرائيلي جارحيت جي شروعات کان ڪجهه عرصو اڳ يوٽيوب تي پنهنجو چينل بڻايو جتي هو گيمنگ وڊيوز اپلوڊ ڪندو هو ۽ سندس خواهش هئي ته هو هڪ مشهور شخصيت بڻجي. عوني الدوس جي يوٽيوب چينل تي 31 هزار کان وڌيڪ سبسڪرائبرز آهن جنهن تي رڳو 11 وڊيوز شيئر ڪيون ويون آهن. عوني الدوس جو خواب هو ته سندس هڪ لک کان وڌيڪ فالوورز ٿي وڃن پر هو غزا تي تازن ترين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي ويو.

مرتضيٰ سولنگي سان چيني ميڊيا جي ملاقات

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي نئين مرحلي ۾  چين سان مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي رابطن ۽ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو معاشي ترقي ذريعي امن ۽ خوشحالي آڻڻ جو مظهر آهي. اها ڳالهه هن چين جي پوليٽيڪل قونصلر مس بائو زونگ جي قيادت ۾ چيني ميڊيا جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي مين اسٽريم ميڊيا وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان اي پي پي ذريعي پاڪ چين اقتصادي راهداري جي منصوبن کي اجاگر ڪرڻ جو فيصلو ٿيو.

اسرائيل پاران 5 اسڪول خالي ڪرڻ جو حڪم

غزا(م ڊ) اسرائيل فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (انروا) کي چيو آهي، ته هو غزا جي پٽي ۾ پنهنجا 5 اسڪول خالي ڪري وڃن. العربيه گذريل ڏينهن رپورٽ ڪيو ته اسرائيل انروا کي چيو آهي ته هو غزه جي پٽي ۾ پنهنجا 5 اسڪول خالي ڪري وڃن. اسان ان تي احتجاج ڪيو ۽ ان فيصلي کي رد ڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه اسان ڪري سگهون پيا اهو ڪيو.

حماس جي حراست هيٺ 2 آمريڪي شهري  انساني بنياد تي آزاد

غزا (م ڊ) غزا جي حڪمران حماس 7 آڪٽوبر تي ڪيل حملن دوران حراست ۾ ورتل ماڻهن مان ٻن آمريڪي شهرين کي انساني بنيادن تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي خابرو اداري رائيٽرز جي رپورٽ مطابق  حماس جي ترجمان ٻڌايو ته قطر جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جي جواب ۾ هڪ آمريڪي عورت ۽ سندس ڌيءَ کي حماس انساني بنيادن تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.