اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) نواز شريف کي جيڪو پروٽوڪل ڏنو ويو ۽ سهولت ڪاري ڪئي وئي، ان مان ظاهر آهي ته نواز شريف پنهنجا شرط مڃائي پهتو آهي. نامياري صحافي رئوف ڪلاسرا جو چوڻ آهي ته نادرا عملي جو ايئرپورٽ پهچي بايوميٽرڪ ڪرڻ يا ڪمشنر جو اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهچڻ مان راڻا ثناءُ الله جي ڳالهه سچي ثابت ٿي ته سڀ ڪجهه طئه ٿيل آهي. ڊيل مڪمل آهي ۽ ڪو به مسئلو نه ٿيندو. نواز شريف جي تقرير مان ثابت ٿيو ته معاملا طئه ٿيل آهن، ان ڪري هن معاشي بحاليءَ کانسواءِ ٻي ڪابه ڳالهه نه ڪئي نه ئي عمران خان بابت ڳالهه ڪئي. هن صرف معاشي بحالي، روزگار ڏيڻ ۽ مهانگائي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. ان سان گڏ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. نواز شريف جي تقرير بعد اسٽيبلشمينٽ به سک جو ساهه کنيون هوندو.
نوازشريف جي اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان ”غيرجانبدار پاليسي“
ڪراچي(م ڊ) مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف وطن واپسي کانپوءِ ملڪي سياست ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي آپشنز سميت پنهنجي حڪمت عملي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.مسلم ليگ (ن) جي اهم ذريعن ايڪسپريس ٽربيون کي ٻڌايو ته هو سياسي صورتحال کي ڏسندي ان حڪمت عملي جا ڪارڊ ڏيکاريندا، نواز شريف هاڻي اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان ”غير جانبدار پاليسي“ رکندو.هاڻي مسلم ليگ جي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ڪا سخت يا سخت يا مخالف پاليسي نه هوندي، بلڪه اها اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجي معاملن ۾ توازن رکندي.سياسي چونڊ مسئلن تي عوامي رابطي جي مهم ۾ اسٽيبلشمينٽ بابت ماضي، حال ۽ مستقبل جي مسئلن تي تبصرن يا بيان بازي کان پاسو ڪيو ويندو.نواز شريف غير فعال پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جي قيادت بابت تڪرار يا ذاتي سياست کان پاسو ڪندو.نواز شريف مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري جهڙن اهم اڳواڻن سان رابطن جو سياسي آپشن برقرار رکندو.مسلم ليگ ن جي ايندڙ چونڊ مهم جو اهم نقطو ووٽ کي عزت ڏيڻ نه پر جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ آهي
نوازشريف تڪرار کان پاسو ڪيو پر غالب جو پڙهيل شعر اهم آهي: تجزئي نگار
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اينڪر شاهزيب خانزاده چيو ته نوازشريف انتقام نه وٺندو، ڊالر ريٽ ۽ مهانگائي ٻن ڳالهين سان ته گهٽ نه ٿيندي، عمران خان سان ڊائيلاگ جا ارادا نظر نه پيا اچن، نوازشريف تقرير ۾ تڪرار جو رستو اختيار نه ڪيو،ماڻهو چون ٿا ته نوازشريف سان غلط ٿيو، کيس غلط سزا ڪاٽڻ ضرور گهرجي، نوازشريف سان غلط ٿيو ته اڄ عمران خان سان به غلط ٿي رهيو آهي، عمران خان مقبول آهي، نوازشريف لاءِ ٻيهر اڀرڻ چئلينج هوندو، سينئر صحافي حامد مير چيو ته ن ليگ لاهور ۾ هڪ وڏو ميڙ گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، ن ليگ جو جلسو پي ٽي آءِ جي جلسن کان وڏو هو، سندس تقرير ۾ جيڪو پيغام هو اهو غالب جو شعر آهي، تقرير ۾ هن رڳو پنهنجا پراڻا ڏک ۽ مسئلا بيان ناهن ڪيا، ڌرڻا ڪير ڪرائي رهيو هو، هن تڪرار واري سياست کان پاسو ڪيو آهي، چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ هن کي روڊ ميپ ڏيڻو پوندو، پاڪستان جو وڏو مسئلو معيشت آهي، هن پنهنجي پوري تقرير ۾ آئين پاڪستان جو ڪو به ذڪر نه ڪيو، چوٿون ڀيرو کيس وزيراعظم بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ان ڪري ايندڙ تقرير ۾ هو آئين پاڪستان جو ضرور ذڪر ڪري،