سکر(رپورٽر) سکر پريس ڪلب ٻاهران هندو نينگري پريا ڪماري ۽ نوجوان اسلام الدين سومرو جي آزادي لاءِ لڳايل احتجاجي ڪئمپ تي مظاهرين ڊاڪٽر نذير کوکر، محمد پريل سومرو، ۽ ٻين ڌرڻو هڻي احتجاجي سلسلو جاري رکيو آهي، ان ڏس ۾ مغوين جي آزادي لاءِ 18 ڏينهن کان لاڳيتو ڪئمپ تي ڌرڻو هڻي ويٺل مظاهرين جو چوڻ هو ته سکر پوليس سنگرار مان اغوا ڪيل معصوم هندو نينگري پريا ڪماري کي آزاد ڪرائڻ جا واعدا ڪرڻ باوجود آزاد ناهي ڪرايو، جنهن ڪري پريا ڪماري جا وارث انتهائي مايوس بڻيل آهن، ڪجهه عرصو اڳ خيرپور مان غريب پورهيت جي نوجوان پٽ اسلام الدين سومرو کي اغوا ڪيو ويو، جنهن جي آزادي لاءِ ڌاڙيلن موبائيل تي وارثن سان رابطو ڪري 20 لک رپيا ڀنگ ڀرڻ جو چيو آهي، مغوي جا وارث ڌاڙيلن کي 20 لک رپيا ڀنگ جا ڪٿان آڻي ڏين، هنن چيو ته نينگري پريا ڪماري، نوجوان اسلام الدين سومرو ۽ ٻين مغوين جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن، پر پوليس ۽ ٻين ذميوارن جي ڪن تي جون به نه ٿي چري، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس معاملي جو نوٽيس وٺي سمورن مغوين کي فوري آزاد ڪرايو وڃي.