ڪراچي (رپورٽر) صوبائي محتسب اعليٰ ۾ سنڌ اسمال انڊسٽري ڪارپوريشن ۾ عورت آفيسر کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، محتسب اعلي ايم ڊي اي ۽ ڊائريڪٽر کي ذاتي طور تي پيش ٿي جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي .محتسب اعلي جو چوڻ آهي ته 26آڪٽوبر تي اگر پيش ٿي جواب نه ڏنا ته اسان فيصلو ٻڌئي ڇڏينداسين، درخواستگذار جو چوڻ آهي ته 2020ع ۾ ايم ڊي ۽ ڊائريڪٽر نامناسب تعلق رکڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا هئا، لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪيو پر ڪا به جاچ نه ٿي، منهنجي چيمبر مان پرسنل فائل چوري ڪئي وئي ته سروس رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪري سگهجي، عورت چيو ته واقعي جي حوالي سان سيڪريٽري ۽ ٿاڻي ۾ شڪايت ڪئي، درخواستگذار چيو ته آئين پاڪستان ۾ عورتن جي تحفظ جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي حوالي سان سامهون آئي آهيان ته جيئن ٻي ڪنهن ڇوڪري سان اهڙي حرڪت نه ٿي سگهي.