خانپور مهر ويجهو پراڻي تڪرار تان نوجوان زال ۽ ٻارن سامهون قتل

خانپورمهر(رپورٽ:ميهر مهر) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ مانڌل بوزدار ۾ بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن نوجوان  مهدي حسن بوزدار پٽ ڀورل بوزدار کي موٽر سائيڪل تان لاهي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار واردات بعد فرار ٿي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو، مقتول جي امڙ، گهر واري ۽ ٻيون وارث عورتن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا، عورتون اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي پٽ تي ڪري پيون عورتن جو چوڻ هو ته ظالمن اسان جي نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي، مقتول جي والد ڀورل بوزدار ٻڌايو ته اسان جو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان جوابدار يعقوب بوزدار، معشوق ۽ ٻين منهنجي پٽ کي قتل ڪيو آهي، پٽ پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن سميت خانپورمهر شهر مان ٻارن جو علاج ڪرائي گهر اچي رهيو هو ته کيس سخيرو ملڪ ڳوٺ وٽ هٿياربندن کيس موٽرسائيڪل تان لاهي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.