فارم هائوس ۾ نارين جا 12 لاش معمو بڻيل، موقف ڏيڻ تي ايس ايڇ او معطل

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ فارم هائوس هلائيندڙ بااثر سرڪاري ملازم خلاف ڪارروائي نه  ٿي سگهي، عوامي آواز جي خبر تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند ايس ايڇ او سچل کي معطل  ڪري ڇڏيو، جڏهن معطل ڪيل  ايس ايڇ او سچل نور محمد شيخ کان  عوامي آواز طرفان رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته مون کي ڪا به خبر نه آهي ته  مون کي ڇو هٽايو ويو آهي، جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند عوامي آواز کي ٻڌايو ته سچل ٿاڻي جو ايس ايڇ او نور محمد شيخ ڪرپشن ۾ ملوث آهي جنهن جي ڪري ان کي هٽايو ويو آهي، جڏهن ته جناح اسپتال انتظاميا کان واقعي بابت موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جناح اسپتال جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر فون اٽينڊ نه ڪئي ذريعن موجب فارم هائوس ۾ مارجي ويل 12 نارين جو هن وقت تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته فارم هائوس جي بااثر سرڪاري ملازم کي به هن وقت تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته فارم هائوس پوليس جي هڪ بالا آفيسر جو آهي جنهن جي ڪري پوليس ان جو نالو ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي ۽ ان  بااثر سرڪاري ملازم کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جناح اسپتال انتظاميا کي به جاچ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي 12 نارين جي مارجي وڃڻ جو نگران سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت هن وقت تائين ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.