لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي چيف آرگنائزر مريم نواز چئن سالن کانپوءِ پنهنجي والد نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي موقعي تي لڙڪ لاڙي ويٺي. مريم نواز مينارِ پاڪستان ۾ ٿيل مسلم ليگ ن جي رٿيل جلسي ۾ اسٽيج تي ڳوڙها ڳاڙيويٺي. نواز شريف مريم کي ڳلي لڳايو، مريم اورنگزيب ۽ ٻيا به مليا. ياد رهي ته ن ليگ قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف چئن سالن کانپوءِ ڏيهه واپس پهچي ويو آهي.