غزا (م ڊ) فلسطين ۾ اسرائيلي بمباري ۾ شهيدن جو انگ ساڍن چئن هزارن کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته رفاح راهداري ذريعي امدادي ٽرڪون غزا ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. اسرائيل بمباري جاري رکي، اسپتالون نشاني تي هجڻ سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون اچي رهيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب مصر ۽ غزا جي پتي تي موجود رفاح ڪراسنگ سان امدادي ٽرڪون غزا ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون. ان حوالي سان آمريڪي سفارتخاني جو چوڻ هوته هنن وٽ اهي اطلاع آهن ته مقامي وقت موجب صبح جو 10 وڳي امدادي ٽرڪون رفاح راهداري رستي غزا ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون. حماس ميڊيا جي آفيس موجب غزا ۾ 20 امدادي ٽرڪون داخل ڪيون ٿيڻيون آهن جن ۾ دوائون، طبي اوزار ۽ کاڌي پيتي جو ڪجهه سامان موجود آهي. عرب ۽ نار ميڊيا به فاح رستي ذريعي امدادي ٽرڪن جي غزا ۾ داخل ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته 20 امدادي ٽرڪون اڻپوريون آهن. اسرائيل امدادي رستو مڪمل کولي فلسطينين کي خوراڪ پهچائڻ ڏئي.