اسلام آباد هوائي اڏي تي نواز شريف سان اهم ملاقات

لاهور (عوامي آواز نيوز)  اسلام آباد ايئرپورٽ تي نواز شريف جو جهاز لهڻ کان ٿوري دير اڳ ڪارن شيشن واريون ڪاريون ويگو گاڏيون هوائي اڏي تي پهتيون، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته ڪارين ويگو گاڏين ۾ ڪي اهم شخصيتون موجود هيون جيڪي وي وي آءِ پي لائونچ ۾ پهتيون  نواز شريف جو جهاز اڏي تي لٿو ته نواز شريف  به وي وي آءِ پي لائونچ ۾ پهتو جتي اهم ملاقات ٿي آهي. ان دوران بهانو اهو ٻڌايو ويو ته جهاز اميگريشن ڪليئرنس لاءِ لٿو آهي. پر اصل ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته اميگريشن ڪليئرنس به ضرور ٿي آهي پر نواز شريف سان هڪ اهم ملاقات به ٿي آهي، جنهن ۾ نواز شريف کي اهم پيغام به پهچايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.