لاهور(م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ايئرپورٽ تي ملاقات تي عون چوڌري کان وضاحت طلب ڪري ورتي. استحڪام پاڪستان پارٽي عون چوڌري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان استحڪام پاڪستان پارٽي جي ترجمان موجب عون چوڌري جي نواز شريف سان ملاقات جو پارٽي سان ڪو به تعلق ناهي. بيان ۾ ترجمان فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ن ليگ حڪومت جيڪي تازا زخم ڏنا، نواز شريف ان جو مرهم نه آندو. ”انشاءَ الله سڀ ٺيڪ ٿي ويندو“ جو بيانيو وڪڻندڙن صوبي ۾ ست ڀيرا ۽ وفاق ۾ ٽي دفعا ڪجهه به نه ڪيو آهي، جيڪڏهن ڪجهه ڪيو وڃي ها ته هي ڏينهن نه ڏسڻ گهرجن ها. ترجمان چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي عون چوڌري کان لکت ۾ وضاحت طلب ڪري ورتي آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن عون چوڌري ذاتي حيثيت ۾ ويو آهي ته فوري وضاحت ڪري.