پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪامران بنگش گرفتار، اڻڃاتل هنڌ منتقل

پشاور ( م ڊ ) پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ڪامران بنگش کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب اڳوڻي تعليم واري  وزير ڪامران بنگش کي چمڪني ۾ سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪامران بنگش کي شروعاتي طور چمڪني ٿاڻي ۽ بعد ۾ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي پوليس ڪامران بنگش جي گرفتاري بابت تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڪامران بنگش خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 9 ۽ 10 مئي جي واقعن بابت ڪيس داخل آهن پر هو مختلف ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت حاصل ڪري چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.