ڪراچي/ميرپورخاص (رپورٽر+بيورورپورٽ)فلسطينين سان ايڪتا لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران ڪراچي ۾ وڏي عوامي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ خالد مقبول صديقي،فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين خطاب ڪندي اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي، هوڏانهن ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن ظفرڪمالي، سليم رزاق، خالد تبسم، آفاق احمد خان، مبارڪ مهر، آفتاب قريشي، ڪامران ميمڻ ۽ ٻين چيو ته عالمي دهشتگرد اسرائيل فلسطين جي بيگناه مسلمانن مٿان ظلم ڪري رھيو آهي هوڏانهن ڪراچي ۾ جي ڊي اي پاران سردار عبدالرحيم جي اڳواڻي ۾ فلسطينين سان ايڪتا لاءِ ريلي ڪڍي وئي، اسرائيل خلاف نعرا هنيا ويا،سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به شيعا تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون
سنگل ڪالم