صوفي شاهه عنايت جي بازيابي لاءِ فوري جي آءِ ٽي اجلاس گهرائڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ چارٽرڊاڪائونٽنٽ  جي شاگردسميت 10 ماڻهن جي گم ٿيل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي .عدالت گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 8 ڏينهن  ۾اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .عدالت گم ٿيل شاگردصوفي شاهه عنايت جي بازيابي جي لاءِ فوري جي آءِ ٽي اجلاس طلب ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي .عدالت جاچ آفيسر کي حڪم ڏيندي چيو ته شاگردکي بازياب ڪرايو نه ته اوهان جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي عدالت شهري عبدالصمد جو سراغ لڳائڻ جي لاءِ اخبارن ۾ اشتهارڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي .عدالت گهروکاتي سنڌ ۽ آءِ جي سنڌسميت ٻين کي گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪري 30 آڪٽوبر جو رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.