ڪمند جو اگهھ 600 روپيا مڻ مقرر ڪيو وڃي: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ڪمند جو اگھ 600 روپيا مڻ مقرر ڪري جلد شگر ملون  چالون ڪيون وڃن، حڪومت جو مقرر ڪيل اگهه 425 روپيا آبادگارن ۽ ھارين کي قبول ناھي، ڪڻڪ، ڦٽيون، ساريون ۽ ٻيا فصل لھن ٿا ته انھن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي ٽريڪٽر، زرعي مشينري سستيون ڪيون وڃن آبادگارن کي آسان شرطن تي قرض ڏنو وڃي.هن چيو ته 40 لک افغانين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين جا شناختي ڪارڊ ٺاھڻ ۾ ملوث نادرا عملي ۽ آفيسرن کي برطرف ڪري سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي وسيلن، روزگار تي بار آھن ۽ امن امان لاء وڏو خطرو آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.