حيدرآباد ۾ فلسطينين سان ايڪتا طور عدالتي بائيڪاٽ، وڪيلن جي ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) هاءِ ڪورٽ بار  ايسوسيئيشن حيدرآباد پاران فلسطين سان يڪجهتي لاءِ ڪالهه عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن دوران سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ايڊوڪيٽ ماما يوسف لغاري، ايڊوڪيٽ نثار احمد چانڊيو،  ايڊوڪيٽ ڪي بي لغاري ۽ ٻين چيو ته اسين فلسطين تي ٿيندڙ ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، جڏھن ته اسرائيل مسلسل فلسطينين مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي اسپتالن ۽ چرچن تي راڪيٽ حملا ڪري هزارين ماڻھو شھيد ڪري ڇڏيا آھن. ھنن چيو تھ ايترو ظلم ٿيندي به مسلمان ملڪ چپ جو روزو رکيو ويٺا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.