وڍ جون حالتون سازش تحت خراب ڪيون ويون: اختر مينگل

حب(رپورٽ: يار محمد بروهي)بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه ۽ بلوچ قومي اڳواڻ سردار اختر جان مينگل وڍ ۾ مينگل قبيلن جي  جرڳي کي خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان خاص ڪري وڍ ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي اها حادثو نه پر پلاننگ جي نتيجي ۾ پيدا ڪئي وئي آهي.هن جرڳي ۾ موجود سمورن ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو ته اوهان ماڻهن کي پنهنجي سڀاڻي لاءِ ذهني طور تيار رهڻو پوندو، پنهنجي ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاءِ اسان کي هاڻي کان ئي قرباني جو جذبو پيدا ڪرڻو پوندو،هن چيو ته ڪنهن کي به ان غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته حڪومت يا انتظاميه سندن بنيادي حقن جو تحفظ ڪندي، موجوده انتظاميه ۽ نگران حڪومت کان اها اميد رکڻ اجائي آهي، ڇو ته سرڪار ۾ مخصوص ماڻهو پنهنجي اثاثن جي تحفظ کان علاوه عوام جي تحفظ جو جذبو نٿا رکن، واضح رهي ته سڀاڻي آچر تي بي اين پي سربراهه سردار اختر جان مينگل جي اڳواڻي ۾ وڍ کان ڪوئيٽا تائين لانگ مارچ ڪيو ويندو، جنهن ۾ بلوچستان خاص طور تي وڍ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي ڪردارن خلاف احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.