اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سعودي عرب ۽ دبئي ۾ اهم ملاقاتن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. شهباز شريف نواز شريف کي چيو ته پاڪستان اوهان جي استقبال لاءِ تيار آهي، پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو مينار تي ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ پاڪستان جي ٻين شهرن مان قافلا لاهور پهچي رهيا آهن. هوڏانهن نواز شريف دبئي ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، ذريعن موجب دبئي حڪومت جي اعليٰ عهديدار نواز شريف سان اسحاق ڊار جي پٽن جي گهر ۾ ملاقات ڪئي، جيڪا اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهي، جنهن دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واضح رهي ته نواز شريف 4 سالن کانپوءِ اڄ وطن واپس پهچي رهيو آهي.