هم خيال جج ۽ اسٽيبلشمينٽ آمهون سامهون

لاهور (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ هم خيال طور مشهوري ماڻيندڙ ججن تي ٻڌل 5 رڪني بئنچ فوجي ڪورٽن ۾ سويلين جا  ڪيس هلڻ بابت پٽيشن جي ٻڌڻي ڪندي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس قاضي  فائز عيسيٰ فوجي ڪورٽن بابت ٻڌڻي لاءِ جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهيءَ  ۾ 5 رڪني بئنچ جوڙي ڇڏي آهي. جنهن ۾ جسٽس يححيٰ آفريدي، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ شامل آهن.

صحافي موجب، هاڻي هم خيال جج ۽ اسٽيبلشمينٽ آمهون سامهون آهن. بئنچ 23  آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندي.

اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه  آهي ته چيف جسٽس اها انتهائي سوچ ويچار کانپوءِ فوجي ڪورٽن جهڙي اهم ڪيس لاءِ هم خيال ججن تي ٻڌل بئنچ جوڙي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 21 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.