اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) 9 مئي واقعن کانپوءِگرفتار ٿيل ۽ کنڀيل اڳواڻ هڪ هڪ ٿي ظاهر ٿي رهيا آهن، ڪو چئي رهيو هو ته گلگت ويو هئس ڪو چئي رهيو آهي ته اترين علائقن ڏانهن هليو ويو هئس،هاڻي شيخ رشيد چئي رهيو آهي ته چلي تي ويو هئس، جلسن ۾ ڀڀڪيون هڻندڙ هاڻي اهي بزدل ٿي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن ته اسان سان ڇا ٿيو، عمران خان جي ٽيم ان قسم جي ماڻهن سان ڀريل هئي ،شيخ رشيد جي انٽرويو جي خاص ڳالهه اها آهي ته هو پي ٽي آءِ جو ورڪر ناهي، هن جي پنهنجي پارٽي آهي، کيس اهو اعلان نه ڪرڻو پيو ته مان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي ڇڏي رهيو آهيان، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ پاران شيخ رشيد کي هڪ اهم مشن سونپيو ويو آهي،اسٽيبلشمينٽ لاءِ شيخ رشيد ان ڪري اهم آهي ڇو ته پنڊي جو تڪ شيخ رشيد جو آهي، ان تڪ مان جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو اميدوار ڪامياب ٿئي ٿو ته پوءِ اها ڳالهه اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڇرڪائيندڙ هوندي