اسلام آباد(م ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ويجهي ساٿي صابر مٺو کي طلب ڪري ورتو.ايف آءِ اي صابر مٺو کي اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت 23 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي صابر مٺو خلاف سندس 3 گهرن تي ڪال اپ نوٽيس موڪلي ڇڏيا آهن.ايف آءِ اي اختيارين موجب صابر مٺو جا 19 بئنڪ اڪائونٽ آهن، جن مان 14 پاڪستاني بئنڪن ۽ 5 پرڏيهي بئنڪن ۾ آهن.ايف آءِ اي جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته صابر مٺو جي انهن اڪائونٽس ذريعي 5 ارب 34 ڪروڙ رپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي وئي.ايف آءِ اي صابر مٺو کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو آهي ته هن جن ملڪن جو دورو ڪيو انهن جا تفصيل، سندس آف شور ۽ شيل ڪمپنين جو سمورو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي،ملڪ اندر ۽ پرڏيهه ۾ ملڪيتن ۽ گاڏين جا تفصيل ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي خريد و فروخت جو سمورو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي.نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته توهان ۽ توهان جي خاندان جي ايئرپورٽن تي اعلان ڪيل پرڏيهي ڪرنسي جا تفصيل به ڏيو، هوڏانهن صابر مٺو جي ويجهن ذريعن ٻڌايو ته اسان وٽ سمورا ثبوت ۽ ٽيڪس رڪارڊ موجود آهي، ايف آءِ اي غلط فهمي جي بنياد تي نوٽيس جاري ڪيو آهي، ڪاروبار صاف سٿرو ۽ ڪا به شئي غيرقانوني ناهي.