جسٽس عرفان سعادت جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي منظوري

اسلام آباد(بيورو)جڊيشل ڪميشن جسٽس عرفان سعادت کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.چيف جسٽس  آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 2 جايون خالي آهن، جن مان هڪ سيٽ لاءِ جسٽس عرفان سعادت جي سفارش ڪئي وئي.سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان جسٽس عرفان سعادت خان کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، قانون واري وزير پرڏيهه ۾ هجڻ سبب لکت ۾ راءِ ڏني.بيان موجب چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته جسٽس عرفان سعادت خان هڪ تجربيڪار ۽ ڄاتل سڃاتل جج آهي، جسٽس عرفان سعادت خان هاءِ ڪورٽ جي سمورن چيف جسٽسن ۽ ججن ۾ سينيئر آهي.اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري جي طريقيڪار بابت تجويزن تي به غور ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.