ڪراچي جي فارم هائوس ۾ 12 نارين جو پراسرار موت،لاش ڳجهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ 12 نوجوان ڇوڪرين جا لاش مبينا قتل بعد ڪمبل ويڙهي دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايس ايس پي سي آءِ اي جنيد شيخ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته فارم  هائوسز ۽ ڊانس پارٽي ۾ ڇوڪرين کي جنسي دوائن جي حد کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ سبب موت ٿئي ٿو جنهن بعد فارم هائوس جو عملو لاش ڳجهي طريقي سان ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيندو آهي، سچل ڳوٺ جي علائقي ۾ 27 سيپٽمبر  تي 24 ڇوڪرين جو موت به ڊانس پارٽين ۾ وڌيڪ نشو واپرائڻ سبب ٿيو هو، ايس ايس پي جنيد شيخ موجب قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي گرفتاري  کانپوءِ معاملي جي خبر پئي آهي ته ڏوھه کي لڪائڻ لاءِ فارم هائوس هلائيندڙ هڪ  بااثر سرڪاري آفيسر پنهنجي عملي کي لاش کي ڪمبل ۾ ويڙهي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ مشورو ڏنو ۽ ڏوھه کي لڪائڻ ۽ ڊانس پارٽين ۾ فعاشي نيٽ ورڪ هلائڻ جي الزام ۾ سرڪاري آفيسر کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو. ايس ايس پي موجب سرڪاري آفيسر جي فارم هائوس کي سيل ڪري چئن ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ عورت نائڪا ۽ مينجر شامل آهن، جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 12 نوجوان ڇوڪرين جا لاوارث لاش مليا جن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري وارث سامهون ناهن آيا.

  • فارم هائوس مالڪ سرڪاري آفيسر آهي: ايس ايڇ او سچل

ڪراچي ( رپورٽر) عوامي آواز پاران ايس ايڇ او سچل ٿاڻي کان سوال پڇو ويو ته گلشن معمار ۾ فارم هائوس جو بااثر مالڪ ڪير آهي؟ جنهن جي جواب ۾ ايس اڇ او سچل نور محمد شيخ چيو ته فارم هائوس مالڪ سرڪاري آفيسر آهي پر سندس نالي جي خبر نه آهي.

 

  • فارم هائوس مالڪ بااثر هئڻ ڪري جناح اسپتال انتظاميا پوليس کي اطلاع نه ڏنو: ذريعا

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪمبل ۾ ويڙهيل ڇوڪرين جا لاش هٿ اچڻ واري واقعي بابت عوامي آواز پاران ايس ايڇ او سچل ڳوٺ ٿاڻي سان رابطو ڪيو ويو. ايس ايڇ  او سچل ٻڌايو ته کين ڪمبل ۾ ويڙهيل لاشن جو اطلاع مليو، ڪال  15 مددگار تي آئي هئي. ايس ايڇ او موجب سچل ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ ڪو به فارم هائوس نه آهي جڏهن ته فارم هائوس گلشن معمار جي علائقي ۾ آهي  ايس ايڇ او نالو ٻڌائڻ کانسواءِ چيو ته فارم هائوس هڪ سرڪاري آفيسر جو آهي. ٻئي پاسي 27 سيپٽمبر تي 24 ڇوڪرين جو موت واقع ٿيو هو ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو ته فارم هائوس جو مالڪ بااثر هجڻ سبب جناح اسپتال ڪراچي  انتظاميا به پوليس کي اطلاع نه ڏنو .ھن واقعي ۾ جناح اسپتال انتظاميا کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ جناح اسپتال انتظاميا خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ذريعن موجب هن وقت ڪراچي ۾ ملير ويسٽ ضلعي توڙي ڪياماڙي ضلعي ۾ فارم هائوس جي آڙ ۾ ڊانس پارٽين جا ڪلب هلي رهيا آهن،  جن کان پوليس ڀتو وصول ڪري ٿي ۽ کين فعاشي جا اڏا هلائڻ جي اجازت ڏئي ٿي. فارم هائوس ۽ ڊانس پارٽين ۾ منشيات پڻ وڪرو ٿي رهي آهي منشيات واپرائڻ ۽ جنسي دوائون واپرائڻ سبب ڇوڪرين جو موت ٿئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.