غربت ۾ واڌ جو سبب خوراڪ جي شين جا وڌندڙ اگهه آهن: عالمي مالياتي ادارا

اسلام آباد(م ڊ) ورلڊ بينڪ ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آئي ايم ايف) جي اجلاسن لاءِ ميڪرو پاورٽي آئوٽ لڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غربت ۾ واڌ جو سبب خوراڪ جي شين ۽ توانائي جون رڪارڊ بلند قيمتون آهن، پيٽروليم ليوي، انرجي ٽيرف ايڊجسٽمينٽ سان سماجي ۽ معاشي عدم تحفظ  ۾ اضافو ٿيندو.رپورٽ موجب کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ، ڪمزور ليبر، مارڪيٽون ۽ ٻوڏ جو نقصان به غربت جي سببن ۾ شامل آهي.ان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مالي سال 2024 دوران مهانگائي جي شرح 26.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ايندڙ مالي سال دوران پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا هڪ مهيني جي درآمد کان به گهٽ رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب، 2025 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو بتدريج وڌي 1.5 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي، معاشي سستي، مهانگائي ۽ ٻوڏ جي تباهي غريب خاندانن کي سخت متاثر ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.