ماما جمن دربدر کي ڀيٽا پيش، سنڌي ماڻھن جي غربت جو سبب نا اهل حڪمران آھن: ساڃاهه وند

عمرڪوٽ (رپورٽ:غلام مصطفي مھر ) وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو جي خالق جي ايم سيد جي ويجھي ساٿي، ماروي ديس آمراڻي مور ماما جمن دربدر جي پھرين ورسي عمرڪوٽ ويجھو روحل واء ۾ ملھائي وئي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ ۽ مرڪزي قيادت عمرڪوٽ پھچي جمن دربدر جي مزار تي چادر چاڙهي، ماما جمن دربدر جي شعر وٺي ھر ھر جنم وربو سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان کانپوءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي عمرڪوٽ پاران مزار جي آڳنڌ ۾ منعقد ڪيل جلسي ۾ شرڪت ڪئي، انھي موقعي تي ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته جمن دربدر وطن ۽ وطن واسين لاءِ پوري حياتي ارپي ڇڏي، ھڪ ماڻھو ۾ انيڪ خوبيون ھجڻ مشڪل آهي پر انيڪ خوبيون مون جمن دربدر مان ڏٺيون، جمن دربدر خوشحال سنڌ جو ھڪ ڪرڻو ھو، ملڪ پاڪستان گذريل 76 سالن کان معاشي بحران جو شڪار آھي جنھن جو ڪارڻ نا اهل حڪمران آھن، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي گذريل پندرهن سالن ۾ عوام جو رت چوسي ڇڏيو آھي، پ پ ڪتابن ۽ امداد جي پئسن جي مد ۾ اربين رپين جي مبينا ڪرپشن ڪري سنڌ کي کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌي ماڻھن کي ھاڻ دوست ۽ دشمن جي وچ ۾ ليڪو ڪڍڻو پوندو، ، سائين جي ايم سيد جي جدوجھد ۽ ڪردار کي داغدار ڪرڻ لاءِ ڪميونسٽن ۽ ملن کي پويان لڳائي ڇڏيو جن وڏا حملا ڪيا پر سنڌ جي باشعور ماڻھن ۽ نوجوان شاگردن انھن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، سنڌي ماڻھن کي خوف ختم ڪرڻو پوندو  هن چيو ته  ماڙي جلباڻي واقعي تي احتجاج ماڻھن کي پ پ جي مقامي ماڻهن روڪيو ۽ احتجاج ۾ اچڻ نه ڏنو، روشن علي ٻرڙو چيو ته جمن دربدر سائين جي ايم سيد جي فڪر جو سفير ھو، جنھن پيادل ھلي بسن ۾ بنا ڀاڙي سفر ڪري پيغام کي عام ڪيو. امير آزاد پنهور چيو ته ماما جمن دربدر شاعري، ڊرامي، ۽ ناٽڪ ۾ سنڌ بڻجي گونجيو، ماما ان وقت قومي تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر کي عام ڪيو جڏھن سنڌ جا نانءُ کڻڻ ڪاريھر تي پير ڏيڻ برابر ھو، اھوئي سبب آھي جو اڄ ماما جمن دربدر کي دبئي سميت پوري دنيا ۾ ياد پيو ڪيو وڃي. تاج جوئي چيو ته جمن دربدر جي ايم سيد جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ فقير بڻجي ڪم ڪيو، ماما پنھنجي گھر ۽ اولاد جي مستقبل لاءِ سوچڻ بدان سڄي حياتي سنڌ لاءِ جدوجھد ڪئي. جي ايم ڀڳت چيو ته جمن دربدر جنھن سڄي حياتي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي، امير علي ٿيٻو چيو ته جمن دربدر کي دربدر بڻائيندڙ جي ايم سيد جو فڪر ھو، جي ايم سيد جي فڪر ماما کي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ کان کڻي سڄي سنڌ جو مامو بڻايو، اڳوڻي ايم پي اي سيد امير علي شاھ، وڪيلن، صحافين، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان  مان آيل ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.