ملتان ( م ڊ ) ملتان ۾ ماڻهن ن ليگ جي قائد نواز شريف جي استقبال لاءِ لڳايل پوسٽرز کي ڦاڙي باهه ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽن موجب ملتان ۾ اڳوڻي ايم پي اي سلمان نعيم ۽ اڳوڻي ايم اين اي احمد حسين پاران پوسٽر لڳايا ويا، ماڻهن نوازشريف جا پوسٽر ڦاڙڻ شروع ڪيا ۽ ڪجهه ماڻهن ڦاٽل پوسٽر کي باهه ڏني.سوشل ميڊيا تي ماڻهن پاران نواز شريف جو پوسٽر ڦاڙڻ ۽ ان کي باهه ڏيڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. پوسٽر ن ليگ جي اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن لڳرايا هئا.
-
نواز شريف جي واپسي، آجيان لاءِ سڄي ملڪ مان قافلا لاهور پهتل
ڪراچي ( م ڊ ) سڄي ملڪ مان ن ليگ قائد ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي آجيان لاءِ ڪارڪنن جا قافلا لاهور پهچي ويا آهن. نواز شريف جي استقبال لاءِ ڪراچي جي سٽي اسٽيشن کان اسپيشل ٽرين ۾ مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ لاهور پهتو. ڪينٽ ۽ لانڍي اسٽيشن تي ڪارڪنن ٽرين ۾ سيٽ نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو، ٽرين ۾ عورتون به وڏي انگ ۾ سوار هيون. سنڌ مان نواز شريف جي استقبال لاءِ هڪ ٽرين ڪراچي ۽ ٻي حيدرآباد کان ڪارڪنن کي کڻي لاهور روانو ٿي هئي جڏهن ته مٺي مان به ن ليگ ڪارڪنن جو وڏو استقبال لاءِ پهتل آهي.گلگت بلتستان کان قافلو اڳوڻي وڏي وزير حفيظ الرحمان جي اڳواڻي ۾ لاهور پهتو. نواز شريف جي استقبال لاءِ ڪوئيٽا کان لاهور ويندڙ ٽرين ۾ 500 ڪارڪن سوار ٿيا، ڪيترائي صوبائي اڳواڻ به ٽرين ذريعي لاهور لاءِ پهتا، اسپيشل ٽرين ۾ 500 کان 600 مسافرن جي گنجائش هئي.
-
غيرقانوني ڌارين کي هاڻي وڌيڪ رعايت نه ڏينداسين: پنجاب سرڪار
لاهور(م ڊ) پنجاب جي نگران اطلاعات واري وزير عامر مير چيو آهي ته هاڻي وڌيڪ رعايت نه ڏينداسين، پهرين نومبر کان غير قانوني مهاجرن خلاف ڪارروائي ٿيندي. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو. جنهن ۾ پهرين نومبر کان صوبي ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪارروائي بابت قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عامر مير چيو ته سمورا پرڏيهي پنهنجا دستاويز پاڻ وٽ رکن، پهرين نومبر کان غير قانوني مهاجرن خلاف ڪارروائي ٿيندي، غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي وڌيڪ رعايت نه ڏني ويندي.هن چيو ته ڪارروائي جو مقصد ڪنهن مخصوص گروهه کي نشانو بڻائڻ نه آهي، پاڪستان ۾ آپگهاتي حملن ۾ افغاني ملوث هئا
-
حماس پاران جنگ بندي بدلي اسرائيلي يرغمالي ڇڏڻ جي آڇ
غزا(م ڊ ) حماس تحريڪ جي سربراهه خالد مشعل چيو آهي ته اسرائيل تي حملو هڪ حسابي مهم جوئي آهي . هن العربيه چينل کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ چيو ته ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته قيدين جا تفصيل رڳو القسام بريگيڊز وٽ موجود آهن ۽ اسان وٽ اسرائيلي فوجين جا گهڻائي قيدي آهن . جنهن تي اسان پنهنجن قيدين لاءِ ڳالهيون ڪري سگهون ٿا. اسان ڪجهه ملڪن کي سويلين يرغمالين جي حوالي ڪرڻ لاءِ پنهنجي تياري کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي . اسان اسرائيلي قيدين جي مٽا سٽا اسرائيل جي حراست هيٺ پنهنجي سمورين قيدين سان ڪنداسين
-
غير قانوني پرڏيهين کي هر صورت ۾ پاڪستان مان ڪڍيو ويندو:گهرو وزارت
اسلام آباد(م ڊ) گهرو وزارت تنبيهه ڪئي آهي ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ جي مهلت ۾ باقي 11 ڏينهن رهجي ويا آهن، 31 آڪٽوبر تائين غير قانوني پرڏيهين کي هر صورت ۾ پاڪستان مان ڪڍيو ويندو. گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ پرڏيهي شهرين کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان 31 آڪٽوبر کانپوءِ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي، غير قانوني طور رهندڙن کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي به مهلت فراهم نه ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. 31 آڪٽوبر کانپوءِ غير قانوني شهرين کي ڪڍڻ لاءِ سيڪيورٽي ادارن طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته اهڙن سمورن علائقن ۾ ايڪشن کنيو ويندو جتي غير قانوني پرڏيهي آباد آهن، انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي جيڪي انهن کي پناهه ڏين ٿا. ڄاڻايل مدي کانپوءِ غير قانوني ماڻهن کي پاڪستان نه ڇڏڻ جي صورت ۾ گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪرڻو پوندو.
-
گڊز ٽرانسپورٽرز پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان
ڪراچي (رپورٽر ) آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻن ڏينهن اندر سڄي ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جنرل سيڪريٽري اويس چوڌري چيو ته حڪومت جو بندرگاهه تي ايڪسل لوڊ قانون تي عمل ساراهه جوڳو آهي، حڪومت کي گهرجي ته قومي شاهراهه تي به ايڪسل لوڊ قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. هن چيو ته صوبائي حڪومتن کي ايڪسل لوڊ تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ نيشنل هاءِ ويز جي لاڳاپيل حڪومتي اسٽيڪ هولڊرز کي گهرجي ته اهي پنهنجي وي اسٽيشنن کي فعال ڪن جڏهن ته قومي شاهراهه تي اوور لوڊ ٿيل گاڏين کي روڪيو وڃي. جنرل سيڪريٽري چيو ته اوور لوڊ ختم ڪرڻ لاءِ اسان اڳ ئي 5000 گاڏيون ڪاٺوڙ ۾ احتجاج طور بيهاري ڇڏيون آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪارگو جي سپلائي محدود سطح تي روڪي وئي آهي. هن چيو ته ايڪسل لوڊ قانون نه هجڻ سبب نيشنل هاءِ ويز تباهه ۽ حادثا ٿين ٿا. اويس چوڌري چيو ته هڪ سروي موجب هاءِ ويز تي اوور لوڊنگ سبب تباهه ٿيل روڊن جي اڏاوتن تي هر سال 75 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا آهن، 53 ٽن گاڏين تي 120 ٽن سامان لوڊ ڪيو ويندو آهي، جنهن جو سڌو سنئون فائدو مل مالڪن کي پهچندو آهي.