زيادتي ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن جي ضمانت درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ زيادتي ۾ ملوث ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي ،عدالت ۾ پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن 29 مارچ 2023ع جو قيوم آباد جي جي علائقي ۾ هڪ عورت سان زيادتي ڪئي،جوابدارن متاثرعورت جي ويڊيو ۽ تصويرون به ٺاهيون،جوابدارن عورت جي ڌي جي مٿان پستول رکي خاموش رهڻ جي ڌمڪي ڏني .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته متاثرعورت موجب ته پوليس ٻڌايو آهي ته جوابدارن عورت جي وڊيو ۽ تصويرون ٺاهيون .عدالت پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس اهڙي اهم نقطي ڪهڙي طرح نظر اندازڪيو .ڪيس جي  ليڊي انويسٽيگيشن آفيسر وضاحت ڏيڻ بجاءِ سمورو ملبو متاثرعورت مٿان رکيو . عدالت ايس ايس پي سائوٿ کي ويڊيو ۽ تصويرن جي حوالي سان الزامن جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته  ماتحت عدالت 3مهينن ۾ ڪيس جو فيصلو ڪري .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.