لاهور(م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ حسن مرتضيٰ چيو آهي ته اڳ هڪ لاڏلو هو، هاڻي ٻيو آهي، ملڪ ۾ عوام جي حڪومت ڪڏهن ايندي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حسن مرتضيٰ چيو ته رڳو لاڏلو تبديل ٿيو آهي، ڪلهو ساڳيو آهي، ملڪ ايئن هلائيندا ته ايندڙ حڪومت هلندي نظر نه پئي اچي، حسن مرتضيٰ وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي کي ڊيل ۽ ڍر مان ڪو به خطرو ناهي، توهان جو مقابلو ڪنهن اناڙي کلاڙي سان ناهي، پيپلز پارٽي سان آهي، پيپلز پارٽي ميان صاحب کانسواءِ اليڪشن کي نامڪمل سمجهي ٿي.