سنڌ ۾ پهرين نومبر کان غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڀرپور آپريشن ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) سنڌ حڪومت پهرين نومبر کان پوءِ ڪراچي سميت صوبي ۾ ترسيل سمورن غيرقانوني  پرڏيهين خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نگران صوبائي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ، قانون واري وزير عمر سومرو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل سال 2022ع دوران پنج سئو پرڏيهين کي واپس موڪليو ويو هو ، هن سال 2 هزار 3 سئو پرڏيهي واپس موڪليا ويا آهن جن مان 17 سئو افغان شهري هيا ، سندس چوڻ هوته 12 سئو 18 افغاني مختلف جيلن ۾ بند آهن جن کي پڻ پنهنجي ملڪ واپس موڪليو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماڙي جلباڻي واقعي ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻن جي وارثن کي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ گهرائي کين معاوضي جي رقم ڏني ويندي ۽ معاملي جي جاچ جاري آهي جاچ رپورٽ اچڻ کان اڳ ۾ ڳالهائڻ مناسب ناهي، هن چيو ته جن افغانين وٽ ڀاڙو ناهي انهن کي بسن وسيلي چمن بارڊر ۽ هندستاني شهرين کي واگها بارڊر وسيلي سندن ڏيهه واپس اماڻيو ويندو. هن  چيوته ڪراچي ۾ طالبان ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جا ڪارنده موجود آهن جنهن جون شاهديون  ڪي پي او آفيس توڙي ڪراچي يونيورسٽي  وارن واقعن ۾ مليون آهن. فاطمه ڦرڙو ڪيس بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هن  چيو ته ڊي اين اي ٽيسٽ ۾ اسد شاهه جا جزا ميچ نه ٿيا آهن. شڪارپور ايس ايڇ او سميت اغوا ٿيل پنجن اهلڪارن جي بازيابي لاءِ ڪوبه ڀنگ ناهي ڀريو ويو ۽ هنن چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي ته جنهن به سردار جا ڏوهارين سان واسطا هوندا ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، هن  چيو ته هو ڪراچي کي ڏوهن کان پاڪ شهر بڻائڻ چاهين ٿا. ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جو انگ 3 کان 4 لک آهي.ڊيزل ۽ تيل جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سوپاري ۽ گٽڪي خلاف به ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اسان زمينن تي قبضن خلاف به سرگرم آهيون.سنڌ جي قانون واري وزير عمر سومرو چيو آهي ته غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، عالمي قانونن کي نظر ۾ رکندي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.