فاطمه ڀٽو پاران اولهه جي ميڊيا جي بائيڪاٽ جو مطالبو

لنڊن(م ڊ)شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي ۽  ناليواري  ليکڪا فاطمه ڀٽو غزه ۾ بيگناهه فلسطينين تي جاري اسرائيلي جارحيت  بابت جانبداراڻي صحافت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اولهه جي  ميڊيا جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو آهي.فاطمه ڀٽو سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي برطانوي اخبار جي گمراهه ڪندڙ رپورٽ جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن خلاف برطانيه ۾ احتجاج ڪيو ويو آهي.

  • پاڪستاني جهاز فلسطينين لاءِ امداد کڻي مصر پهچي ويو

    قاهره (م ڊ ) غزه ۾ فلسطيني عوام لاءِ پاڪستان جي انساني امداد مصر  جي العريش انٽر نيشنل ايئر پورٽ تي پهچي وئي آهي . مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني مطابق پاڪستان  کان 81 ٽن انساني ۽ طبي امداد کڻي خصوصي جهاز مصر پهچي ويو آهي . مصر ۾ پاڪستاني سفارتخاني مطابق العريش هوائي اڏو غزه کان 40 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي واقع آهي .پاڪستاني سفارتخاني طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان ان نازڪ موڙ تي فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي .

     

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.