اسلام آباد(بيورو+ م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي 23 آڪٽوبر تي ٿيندي، سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪاز لسٽ موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. ڪاز لسٽ موجب جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله بينچ ۾ شامل آهن. ڪيس جي ڌرين کي عدالت طرفان نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، واضح رهي ته ملڪ ۾ 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ پي ٽي آءِ سميت ٻين درخواستگذارن درخواستون داخل ڪري رکيون آهن،جڏهن ته فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي،جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ قائم پنج رڪني بئنچ 23آڪٽوبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي،بئنچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ شامل آهن،9مئي واقعي کانپوءِ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جا ٽرائل هلائڻ جو فيصلو ٿيو هو، سپريم ڪورٽ ۾ فيصلو چيلينج ڪيو ويو هو