غزا تي اسرائيلي بربريت، شهيدن جو انگ 4 هزار کان وڌي ويو، لکين ماڻهو امداد کان محروم

غزا ( م ڊ ) غزا ۾ اسرائيل جي بمباري جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙن عورتن سميت 4 هزار 137 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ  موجب غزا جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ اسرائيلي بمباري ۾ هن وقت تائين 4 هزار 137 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملن ۾ 13 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا آهن، جن مان 70 سيڪڙو عورتون، ٻار ۽ بزرگ شامل آهن. رپورٽ موجب غزا ۾ ڊاڪٽر ٻارڻ جي کوٽ سبب موبائل فون جي روشني ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. غزا  جي علائقي خان يونس ۾ موجود ڊاڪٽر محمد قنديل جو چوڻ آهي ته اسان وٽ آپريشن لاءِ فون جي روشنيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي ڇو ته اسپتالن ۾ تيل ۽ دوائون ختم ٿي رهيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر بيهوشي کانسواءِ مريضن جو آپريشن ڪري رهيا آهن. پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر چيو آهي ته غزا  جي پٽي ۾ فوجي آپريشن جي ڪا به واڌ ماڻهن لاءِ تباهه ڪندڙ هوندي.ٻئي پاسي  غزا ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته غزه جي پٽي ۾ خوراڪ، ٻارڻ ۽ پيئڻ جو پاڻي خطرناڪ حد تائين گهٽجي رهيو آهي. مصر سان لڳندڙ پٽي جي ڏاکڻي سرحد تي هزارين ٽن امداد پيل آهي، جنهن جو غزا جا شهري انتظار ڪري رهيا آهن. عالمي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن مطالبو ڪيو آهي ته ضروري سامان کي سرحد پار ڪري غزا ۾ پهچائڻ جي اجازت ڏني وڃي. اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ طبي سامان سان ڀريل اٽڪل 20 ٽرڪن کي ايندڙ ڏينهن ۾ سرحد پار ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. جڏهن ته گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪ ايجنسي جي سربراهه مارٽن گريفيٿس خبردار ڪيو آهي ته غزا ۾ رهندڙ 21 لک شهرين لاءِ روزانو اهڙي امداد جا 100 ٽرڪ گهربل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.