اسلام آباد ( م ڊ ) عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) جي حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي سخت شرط کي سامهون رکندي نگران حڪومت بجيٽ خسارو گهٽائڻ لاءِ وڏو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب نگران حڪومت هلندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرام جا نوان منصوبا شروع نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت رڳو هلندڙ ترقياتي منصوبن جون مالي ضرورتون پوريون ڪيون وينديون. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو ملڪ جي مشڪل مالي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي ۽ خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل به تجويز جي حمايت ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ ۽ يوريا ڀاڻ صوبائي حڪومتن جي مرضي تي امپورٽ ڪئي وئي، ٽريڊنگ ڪارپوريشن تي اجناس جي درآمد جي ذميواري 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان صوبائي حڪومتن پنهنجو حصو ادا نه ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ترقياتي منصوبن ۽ سمورن سبسڊيز ۾ صوبن کان حصو وٺڻ لاءِ قانون تي ڪم جاري آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته ناڻي واري وزارت قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ تبديلي جي سفارش ڪندي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت نومبر ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهين کان اڳ خرچن ۾ گهٽتائي چاهي ٿي، ڇاڪاڻ ته صوبن کي آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام تحت هلندڙ مالي سال لاءِ 600 ارب رپيا سرپلس ظاهر ڪرڻا آهن ۽ آءِ ايم ايف نظرثاني مشن جيڪڏهن سفارش ڪئي ته پاڪستان کي وڌيڪ 70 ڪروڙ ڊالر ملندا.