تهران (م ڊ) ايران خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل غزا تي حملا نه روڪيا ته جنگ ۾ ٻيون ڌريون به شامل ٿي وينديون. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب جنرل محمد باقري چيو آهي ته غزا خلاف اسرائيلي ڏوهن ۽ انهن ڏوهن لاءِ ٻين ملڪن طرفان اسرائيل کي مدد فراهم ڪرڻ سان صورتحال وڌيڪ بگڙي آهي ۽ ان جي ڪري ٻيون ڌريون به جهيي جو حصو بڻجي سگهن ٿيون. جنرل باقري عالمي برادري کان گهر ڪئي ته فوري طور تي اسرائيل جي غزه خلاف ڏوهن کي روڪرائي ۽ غزه جي ماڻهن جي لاءِ امدادي سرگرميون شروع ڪرايون وڃن
-
حماس اسرائيل جنگ روڪرائڻ لاءِ عالمي طور ڪوششون جاري
رياض (م ڊ ) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده بن سلمان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ غزه ۾ جنگ وڌڻ جي خطري سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي .سعودي خابرو اداري مطابق محمد بن سلمان جنگي صورتحال ۾ گهٽتائي آڻڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪرڻ گهرجن . شهزاده محمد بن سلمان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي جون حالتون پيدا ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ان لاءِضروري آهي ته فلسطينين کي انهن جو جائز حق ڏنو وڃي، هوڏانهن وچ اوڀر لاءِ چين جي خاص نمائندي زائي جون چيو آهي ته اسان روس سان گڏجي اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ تڪرار جو منصفاڻو حل ڳولڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن روس جي نائب پرڏيهي وزير ميخائل بوگدانوف سان ملاقات دوران چيو ته ٻئي ملڪ فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ امن ڳالهين کي بحال ڪرڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندا ۽ ٻه رياستي قدمن کي صحيح معنيٰ ۾ لاڳو ڪندا ۽ ان ۾ سهڪار ڪندو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماونينگ چيو آهي ته چين هميشه امن ۽ انصاف سان گڏ بيٺل آهي،
-
قوم طور اسان مثال ڏيڻ جهڙو ڪو ڪارنامو ناهي ڪيو: گورنر سنڌ
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري نيشنيل انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ جي تربيت هيٺ 38 هين مڊ ڪيئر مئنيجمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن سان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته افسوس سان چوان پيو ته بحيثيت قوم اسان ڪو اهڙو ڪارنامو انجام نه ڏنو آهي جنهن جا مثال ڏنا وڃن، اسان سڀني لاءِ ڪم ڪيو پر پنهنجي ملڪ کي ڪجهه نه ڏنو .هن چيو ته اسين مختلف قومن ۾ ورهائجي ويا آهيون. ملڪ کي سٺن ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي ان لاءِ ڪم ڪري سگهن. اسان کي سٺي نيت سان سٺو رستو ڪڍڻو آهي. گورنر سنڌ چيو ته 18 هين ترميم بعد گورنر کي ڪو اختيار حاصل ناهي پر آئون مايوس ناهيان ٿيو. گورنر سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ آءِ ٽي ڪورسز شروع ٿيڻ بعد سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به اهو پروگرام شروع ڪنداسين.