مقصودي رند ۾ ڌاري آبادڪاري، پرياڪماري جي اغوا ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ريلي

مقصودو رند(رپورٽ فيض محمد سومرو) مقصودو رند ۾ بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ويجھن ساٿين ۾ شمار ٿيندڙ اڌ بٽئي تحريڪ ۾ ھارين جي حقن لاءِ جدوجھد  ڪندڙ ڪامريڊ رئيس بروهي جي 32 ورسي جي موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ،سنڌ ھاري ڪاميٽي جي سينئر نائب صدر ۽ ڪامريڊ رئيس بروهي جي فرزند ڪامريڊ محمد ادريس بروھي، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ تاج مري، طالب جکرو، غلام قادر عرف پپو ميمڻ، ڌڻي بخش بروھي، پير شھاب الدين ، محمد مبين بروھي، حڪم چند، ڪامريڊ آبداش، نوجوان ليکڪ ۽ قلمڪار بھادر رند، استاد ڦوٽو مل، ڪامريد ولي محمد ۽ ٻين ڪامريڊ رئيس بروهي، ڪامريڊ ڏاڙھون مل، سنڌي ادبي شاخ مقصودو رند جي اڳواڻ شفيع محمد ڏاھري آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري وئي جنھن بعد سنڌ ۾ پيش ايندڙ مختلف مسئلن تي ڳوٺ رئيس بروهي کان حسيني چوڪ مقصودو رند تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ رئيس بروهي ھارين پورھيت طبقي لاءِ وڏي جدوجھد ڪئي وفاق پاران افغانين جي نيڪالي واري فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا پر انھي فيصلي تائين عمل ٿيڻ گھرجي ،شھيد جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي جڏھن ته شھيد فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ناھي ٿيو جيڪو ھر صورت ٿيڻ گھرجي ماڙي جلباڻي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو هنن چيو ته وفاقي حڪومت ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو اعلان ڪيو پر اڃا تائين عمل ناهي ٿيو جڏھن ته سنڌي ادبي شاخ مقصودو رند اڳواڻ شفيع محمد ڏاھري ۽ننڍڙي سيف علي رستماڻي قومي شاعري پيش ڪري واه واه ڪرائي ڇڏي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.