خيرپور ( رپورٽر ) خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت راڻيپور جي حويلي ۾ ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ جوابدار فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. پير فياض شاهه جي وڪيل ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، عدالت درخواست تي ٻڌڻي هلائڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت پاران محفوظ ڪيل فيصلو 23 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو.