ميرپورماٿيلو (ن ع آ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي گهوٽڪي منير احمد گهڙو جي بدلي واري حڪم تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.منير کھڙو پنهنجي وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، درخواست ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي منير کهڙو موقف اختيار ڪيو هو ته کيس غير قانوني طور تي گهوٽڪي مان بدلي ڪيو ويو آهي. عدالت سندس درخواست تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي اٽارني ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل کي طلب ڪندي چيو آهي ته اوهان ڄاڻايل پٽيشن جي روشني ۾ دليل ڏيو ته اها درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي يا نه. جنهن کانپوءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، اسٽي آرڊر جاري ٿيڻ کانپوءِ منير احمدکهڙو ايس ايس پي گهوٽڪي طور هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو.