واشنگٽن(م ڊ) اسرائيل جي مسلسل حمايت تي آمريڪي انتظاميا ۾ به پاليسي فيصلن خلاف آواز اٿارڻ شروع ٿي ويو، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي سينيئر آفيسر جوش پال به بائيڊن جي غزا پاليسي تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.اسرائيل کي هٿيارن جي منتقلي تي اعتراض ڪندي جوش پال چيو آهي ته بائيڊن انتظاميه جي هڪ پارٽي جي غير منصفانه حمايت غير منصفانه ۽ تباهي آهي، جوش پال چيو ته اسرائيل جي بچاءَ ۾ وڌيڪ ڪيترن فلسطيني ٻارن کي مرڻو پوندو؟ فلسطينين جي اڪثريت حماس جي ناهي، فلسطيني عوام سنگين مسئلن جو شڪار آهي.