حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي مڪمل طور تي روڪڻ ۽ جبل کي ورلڊ ھيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪري اتي وڻڪاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ وڪيل شنڪر ميگھواڙ ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي روڪي ان کي قومي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، گذريل 5 سيپٽمبر تي عدالت پٽيشن تي فيصلو محفوظ ڪيو ھو، ڪالھ جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي مشتمل ٻھ رڪني بينچ پٽيشن جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت، ڪارونجهر جبل کي ورلڊ ھيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪري لاڳاپيل ڌرين کي حڪم ڏنو ته ڪارونجهر جبل تي ڪا به ڪمرشل سرگرمي نه ڪئي وڃي، سيڪريٽري معدنيات ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ۽ لاڳاپيل ادارا ان حڪم کي يقيني بڻائين، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ سيڪريٽري معدنيات، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ۽ ايس ايڇ او ننگرپارڪر ذميوار هوندا، هاءِ ڪورٽ جهنگلي جيوت کاتي کي حڪم ڏنو ته گيم سينچري کي بحال ڪري اتان جي جهنگلي جيوت جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، عدالت حڪم ڏنو ته ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت لاءِ بھتر ماحول مھيا ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت لاڳاپيل ادارن جي ذريعي سمورا ۽ فوري قدم کڻي ته جيئن جن جانورن ۽ پکين جي نسلن لاءِ پناهه گاهه ۽ رهائش ڪارونجهر جبل آهي، اھي محفوظ رھي سگھن، عدالت فيصلي ۾ حڪم ڏنو ته ڪارونجھر جبل تي وڻن جي پوکي ڪري ٻيھر ٻيلي کي جيئرو ڪرڻ جو عمل بنا دير شروع ڪيو وڃي ۽ انھن وڻن جي پوک جو عمل شروع ڪيو وڃي جيڪي هن علائقي ۾ وڌي سگهن ٿا، ان سان گڏ وڻن جي پوکيءَ جو سمورو رڪارڊ بھ رکيو وڃي، هر ٽڪريءَ تي وڻن جي پوکي ڪئي وڃي، ٻوٽن ۽ وڻن جي واڌ ويجھھ جي لاءِ نگراني ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان ٽي ماهي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي، ڪارونجهر جبل تي فوري وڻڪاري مهم شروع ڪري ڪئي وڃي، ڊپٽي ڪمشنر، ٿرپارڪر، مٺي ۽ لاڳاپيل ٿاڻي جا ايس ايڇ اوز ڪارونجھر جي حدن ۾ ڪنهن به نوعيت جي ڪاروباري سرگرمي، جنهن کي کوٽائي چئي سگھجي جيڪڏھن ٿئي ٿي تھ ان جو کين ذميوار سمجھيو ويندو، سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته ڪارونجھر جبل جي حدن کي برقرار رکيو ويندو، تاريخي عبادتگاھھ جين مندر کي ان جي اصلي صورت ۾ بحال ڪرڻ لاءِ ماھرن جي مدد سان ڪم شروع ڪيو وڃي، ڪارونجھر کي عالمي ورثو قرار ڏيارڻ لاءِ ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن هن عالمي ورثي کي ان جي اصل شڪل ۾ محفوظ رکي سگھجي.
وڪيل فقير منور ساگر ۽ شنڪر ميگهواڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي
مٺي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جهنگلي جيوت کاتي کي حڪم ڏنو آهي ته سندن گيم سينچري کي بحال ڪري اُتان جي جهنگلي جيوت جو تحفظ يقيني بڻائي،عدالت ڪارونجهر جبل تي فوري وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو ته ڪارونجهر جبل تي موجود تاريخي عبادتگاهن جي حفاظت به يقيني بڻايو وڃي،سنڌ هاءِ ڪورٽ وڪيل فقير منور ساگر ۽ وڪيل شنڪر ميگھواڙ جي درخواست تي 5 سيپٽمبر 2023 تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو،جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حيسن خان تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي هئي،
ڪارونجهر سجاڳ فورم پاران عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو
مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ ۽ ڪارونجهر کي يونيسڪو پاران عالمي ورثي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ڏنل تفصيلي فيصلي بعد ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ۽ ڪارونجهر کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تحريڪ ھلائيندڙ ڪارونجهر سجاڳ فورم پاران عدالت جي حڪم تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آھي، ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو، مصطفيٰ دل، رميش ڪارونجهري ۽ ٻين پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ وارو اڄوڪو عدالتي فيصلو سموري سنڌ جي مسلسل گڏيل جدوجهد جو نتيجو آھي، هنن چيو ته اڄوڪو فيصلو سنڌ جي ماڻهن جي ننڍڙي ڪاميابي ضرور آھي پر ان سان گڏوگڏ سنڌ واسين کي ڪارونجهر جي بچاءُ لاءِ وڌيڪ جدوجهد جي ضرورت آھي، ھنن چيو ته سڀني کي گڏجي ڪارونجهر کي حڪومتي ۽ يونيسڪو واري فورم تي ڪارونجهر کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون.
ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف عوامي آواز جو اڳڀرو ڪردار رهيو
مٺي:ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪرائڻ ۽ ڪٽائي روڪرائڻ لاءِ عوامي آواز مسلسل رپورٽنگ جي ميدان ۾ اڳڀرو ڪردار ادا ڪيو،ڪارونجهر جبل جي رپورٽنگ جي صورت ۾ عوامي آواز وارثي ڪئي ۽ ڪيئي ڀيرا لڳاتار ٻن ٻن مهينن تائين فرنٽ پيج تي ڪوريج ڏني،جنهن سبب ڪارونجهر اشوز ميڊيا تي ڇانيل رهيو،آخر تائين عوامي آواز ڪارونجهر جو ڪيس وڙهيو،
ڪارونجهر ۽ ٻين ثقافتي ماڳن جو تحفظ ڪيو وڃي: لال جروار
حيدرآباد (پ ر/ رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪارونجھر جبل جي کوٽائي کان روڪي ڪارونجھر جبل جي فطري حيثيت تسليم ڪندي ان کي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪرڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا. اهو هڪ ساراهه جوڳو فيصلو آهي، اڳواڻن چيو ته ڪارونجھر سان گڏ گورک هل اسٽيشن، کيرٿر نيشنل پارڪ، گنجو ٽڪر، ڪارو جبل، هاليجي، ڪينجهر ۽ منڇر ڍنڍن سميت سنڌ جي سمورن تاريخي، ثقافتي ماڳن کي عالمي ورثو قرار ڏنو وڃي، انهن ماڳن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي، بحريا ٽائون سنڌ ۾ نئون اسرائيل جوڙڻ جي سازش آهي. پيپلز پارٽي ڀڳڙن مٺ عيوض ملڪ رياض ڊي ايڇ اي ۽ ٻين مختلف اسڪيمن ۽ قبضا گيرن کي سنڌ جون زمينون نيلام ڪري ڇڏيون آهن.