نوازشريف کي واپسي کان اڳ وڏو عدالتي رليف/ضمانت قانون سان مذاق، اها ڊيل آهي:پ پ/پي ٽي آءِ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي وارنٽ معطلي جي درخواست تي  فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي . خميس ڏينهن تي اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشر اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي توشه خانه ڪيس ۾ وارنٽ معطلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، محمد نواز شريف جو وڪيل قاضي مصباح ۽نيب پراسيڪيوٽر عدالت جي سامهون پيش ٿيا . اڳوڻي وزيراعظم محمدنواز شريف جي وڪيل چيو ته نوازشريف عدالت ۾ ڪيس کي منهن ڏيڻ چاهي ٿو ، 21 آڪٽوبر تي پاڪستان پهچندو . عدالت کي درخواست آهي ته 24 تاريخ تائين وارنٽ معطل ڪيو وڃي . فاضل جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته توهان هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست ڏني آهي ، جهن تي نواز شريف جي وڪيل جو چوڻ هو ته نه ، ان ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ناهي ڪيو ،توشه خانه ڪيس ۾ وارنٽ جاري ٿيو آهي ، فيصلو ناهي ٿيو . اسحاق ڊار جي انهي نوعيت جي ڪيس ۾ وارنٽ معطل ٿيو هو ، ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نواز شريف 2 ريليف گهريا آهن ، هو چئي رهيو آهي ته عدالت آڏو سرينڊر ڪرڻ چاهيان ٿو ، نواز شريف کي ٻڌڻ چاهيو ٿا ته وارنٽ معطل ڪيو وڃي . عدالت جي  وڪيل صفائي ۽ نيب پراسيڪيوٽر جا دليل ٻڌڻ بعد اڳوڻي وزيراعظم جي وارنٽ معطلي جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو ، هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي حفاظتي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جا وڪيل امجد پرويز ۽ اعظم نذير تارڙ عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر رافع مقصود ۽ افضل قريشي دليل ڏنا، ٻڌڻي دوران اعظم نذير تارڙ چيو ته محمد نواز شريف ٽرائيل ڪورٽ ۾ اشتهاري هو،  ان جا وارنٽ معطل ٿي ويا آهن ان تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته اوهان وٽ اهو آرڊر آهي؟ اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته آرڊر ٿي ويو آهي، وڪيل اڃان احتساب عدالت کان اچي رهيا آهن، بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جي حڪم کي نظر ۾ رکندي اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ گرفتاري کان روڪيندي 24 آڪٽوبر تائين ان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.

اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن پاران اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف جي آجيان جي بدلي ۾ جنت الفردوس جو اعلان حيران ڪندڙ آهي.هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نواز شريف جي جلسي تي 20 هزار پوليس اهلڪار ڊيوٽي ڪندا.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته رياستي سطح تي استقبال سان چونڊون نٿيون کٽيون وڃن، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري.هن وڌيڪ چيو ته ڪيتريون ئي سليڪشن ٿي چڪيون آهن، هاڻي چونڊون ٿيڻ گهرجن، آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته هڪ شخص جي سليڪشن لاءِ چونڊون روڪي رکجن هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي قانوني ٽيم جي ميمبر شعيب شاهين جو چوڻ آهي ته اڄ نواز شريف جي ضمانت منظور ڪري قانون جو مذاق بڻايو ويو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شعيب شاهين چيو ته تاريخ ۾ اهڙو مثال ناهي مليو جو ڪنهن مجرم جي ضمانت ٿي هجي.شعيب شاهين وڌيڪ چيو ته عدالت پاڻ چيو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي،  نيب کي ڪنهن چيو ته اچي بيهو ۽ چئو ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته اهڙن فيصلن سبب ماڻهن جو اعتبار کڄي رهيو آهي،ماڻهو ملڪ ڇڏي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.