دبئي(م ڊ) مسلم ليگ ن جو قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف سعودي عرب کان دبئي پهچي ويو،نوازشريف دبئي ۾ اسحاق ڊار جي پٽ علي ڊار جي گهر پهتو، هو ڇنڇر جي صبح خصوصي جهاز ذريعي پاڪستان پهچندو. نواز شريف سان حسن نواز،حسين نواز سميت خاندان جا پنج ڄڻا دبئي پهتا، دبئي ايئرپورٽ تي اختيارين طرفان نواز شريف کي خاص پروٽوڪول ڏنو ويو.