غزا جي پٽي ۾طبي امداد جي سنگين ضرورت

جنيوا (م ڊ) صحت بابت گڏيل قومن جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) غزه ۾ اسپتال تي حملي کان پوءِ خبردار ڪيو آهي ته غزا جي پٽي ۾ صورتحال بي قابو ٿيندي پئي وڃي. ٽيڊ روس ايڊهينوم گيبريس گذريل ڏينهن پنهنجي  ٽوئيٽ ۾ چيو ته ٻنهي ڌرين کي پرتشدد ڪارروائيون روڪڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هر هڪ سيڪنڊ ۾ طبي امداد جي انتظام ۾ اسان زندگيون وڃائي رهيا آهيون، اسان جان بچائڻ وارن امدادي سامان جي فراهمي لاءِ فوري پهچ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.