غزا ۾ اسپتال تي حملي خلاف مختلف ملڪن ۾ احتجاج

عمان ( م ڊ ) غزا ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي کانپوءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اسرائيل  خلاف احتجاج مظاهرا ڪيا ويا آهن. اردن جي گادي واري شهر عمان ۾ اسرائيلي سفارتخاني ٻاهران هزارين ماڻهن احتجاج ڪيو ۽ سفارتخاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.هوڏانهن تهران ۾ سوين مظاهرين فرانسيسي سفارتخاني ٻاهران مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ترڪي ۾ مظاهرين نيٽو فوجي اڏي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس تي پٿراءُ ڪيو. بيروت ۾ وڏي انگ ۾ مظاهرين آمريڪي سفارتخاني ڏانهن مارچ ڪيو ۽ سفارتخاني ٻاهران باهه ڏني جڏهن ته مظاهرين بيروت ۾ گڏيل قومن جي عمارت کي به نقصان پهچايو. ان کان علاوه تيونس، مصر ۽ فرانس ۾ به مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته فلسطين جي شهر رام الله ۾ به مظاهرين ۽ فلسطيني اختيارين وچ ۾ چڪريون ٿيون، جنهن دوران مظاهرين پوليس تي پٿراءُ پڻ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.