اسلام ڪوٽ (ت ر) اسلام ڪوٽ ۾ شهرين پاران اي سي جي حمايت ۽ واپارين خلاف 8 ڪلاڪ ڌرڻو، مهانگائي خلاف نعريبازي ،اڄ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو، اسلام ڪوٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نعيم شريف پاران شهر ۾ هنيل ڇاپن بعد واپارين وچ۾ ٿيل ڏند چڪ وارو مامرو ڇڪتاڻ واري صورتحال اختيار ڪري ويو، اي سي نعيم شريف ايس ايڇ او کي هڪ ليٽر جاري ڪندي واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حُڪم ڏئي ڇڏيو، جاري ڪيل ليٽر ۾ اي سي پاران واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي ۽ ٻين تي ڊيوٽي ۾ مداخلت ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، شهرين ٻي ڏينهن به الهبچايو وڪيو، حاجي ڪنڀر،اشرف سمون،جعفر وڪيو،صدر بجير،روشن گرناڻي ۽ ٻين اي سي حمايت ۽ واپاري صدر تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٽائون موڙ تي 8 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي شهر ۾ دهشت جي علامت بڻيل آهي،جيڪو هر وقت هر ڪنهن ماڻهو جي ڪنڌ ۾ پوي ٿو، انتظاميا منافعي خورن خلاف ڪاروائي ڪئي ته هن ڊيوٽي ۾ مداخلت ڪندي اي سي کي پريشرائيز ڪرڻ سان گڏ گهٽ وڌ ڳالهايو، احتجاج ڪندڙن پاران اڄ شهر ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي، واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي چيو آهي ته اڄ شهر کليل رهندو، ڪا به هڙتال نه ٿيندي، احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، اسان کي ضلعي انتظاميا سيڪيورٽي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي، واپاري ۽ انتظاميا هڪ پيج تي آهن، اي سي نعيم شريف چانڊيو چيو آهي ته واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي ڊيوٽي ۾ مداخلت ڪئي آهي،مون ايس ايڇ او کي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ليٽر لکيو آهي پر ايس ايڇ او ڪيس داخل نه ٿو ڪري،ايس ايس پي سان ملي شڪايت ڪندس ۽ اڄ هر صورت ۾ آئون پاڻ ٿاڻي تي وڃي ڪيس داخل ڪرائيندس،