ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ ن ڪراچي ڊويزن پاران فلسطين سان اظهارِ يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي گلشن جمال، راشد منهاس روڊ کان شاهراهِ فيصل، ڪارساز سميت مختلف علائقن کان ٿيندي ڪراچي پريس ڪلب پهتي. ريلي جي اڳواڻي علي اڪبر گجر ايڊووڪيٽ، بشير ميمڻ، اڳوڻو گورنر سندهه محمدزبير، سنڌ شاهه محمد شاهه، سابق سنيٽرسليم ضياءَ، نهال هاشمي، خيل داس ڪوهستاني، حاجي خورشيد هزاروي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل فلسطينين مٿان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. عالمي ادارن کي گهرجي ته فلسطينين کي انهن جو حق ڏيارن. هنن چيو ته قبله اول جي بي حرمتي ۽ مظلوم فلسطينين جو قتل عام بند ڪيو وڃي، اهڙو ظلم تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو جهڙو فلسطينين تي اسرائيل پاران ٿي رهيو آهي جنهن ۾ مظلوم ٻارن ۽ عورتن تي ظلم ڪيو پيو وڃي.
-
عدالت عمران خان جي پٽن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
اسلام آباد ( م ڊ ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خوصوصي عدالت جي جج عمران خان جي پٽن کي فون تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان جو وڪيل شيراز رانجها عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران جج چيو ته اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه بابت ايس او پيز اڃا نه آيون آهن، جيڪڏهن جيل ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه بابت ايس او پيز اچن ته ڏسي ٿا وٺون. ٻڌڻي دوران وڪيل شيراز رانجها چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ ورزش لاءِ سائيڪل ڏيڻ چاهيون ٿا، جنهن تي جج چيو ته سائيڪل جي حوالي سان ته اڳ ئي جيل عملدارن کي چئي چڪو آهيان. عدالت مختصر وقفي کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ٻيهر شروع ڪئي، جج ابوالحسنات چيو ته ايس او پيز آيا آهن جنهن موجب جوابدار کي ڳالهائڻ جي اجازت ناهي، مان ان باوجود به جيل مينوئل تحت ٽيليفونگ ڳالهه ٻولهه کي ڏسان ٿو پر مون کي جيل مينوئل ۾ پرڏيهه ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي اجازت لکت ۾ ڏيکاريو، مان توهان جي حق ۾ چئي رهيو آهيان، مان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي اجازت ڏئي ٿو ڇڏيان. عدالت فيصلو ٻڌايو ته اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي هدايت جاري ڪيان ٿو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي پٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي.
-
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڏيڍ ارب ڊالر جي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون
بيجنگ (م ڊ) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پيٽروليم جي شعبي ۾ هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن. معاهدي تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ۽ توانائي جو وزير محمد علي پڻ موجود هئا. معاهدو چين جي يونائيٽڊ انرجي گروپ ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽڊ وچ ۾ ٿيو آهي. معاهدي جي نتيجي ۾ ريفائنري مان حاصل ٿيندڙ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل نه رڳو مهانگي درآمدي ٻارڻ جو متبادل هوندو پر ريفائنري جي پيٽرول جي ڪل پيداواري ڪارڪردگي پڻ اڍائي لک ميٽرڪ ٽن مان وڌي 16 لک ميٽرڪ ٽن ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي پيداوار 6 لک ميٽرڪ ٽن مان وڌي 20 لک ٽن ٿي ويندي.