مٺي(رپورٽ:غازي بجير) پيپلزپارٽي 18 آڪٽوبر سانحي جي جاچ ۾ ارباب غلام رحيم ۽ مصطفيٰ ڪمال کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، مٺي ۾ ملاڻي هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو ته 18 آڪٽوبر سانجي جي جانچ ۾ سابق وزيراعلىٰ سنڌ ارباب غلام رحيم ۽ سابق سٽي ناظم ڪراچي مصطفىٰ ڪمال کي شامل ڪيو وڃي ،18 آڪٽوبر تي اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم نڪتل ريلي کي رات جو 12بجي ختم ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ رات جو 12بجي بعد ڌماڪو ٿيو هو، مصطفيٰ ڪمال جي ميئر هوندي شاهراھ فيصل جون لائيٽون بند ڪيون ويون هيون، ارباب رحيم ۽ مصطفيٰ ڪمال کان جاچ ڪئي وڃي ته ڪنهنجي چوڻ تي شاهراھ فيصل جون لائيٽون بند ڪيون ويون هيون.