پاڪستان جي سياسي قيادت پاران غزا اسپتال تي بمباري جي مذمت

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئر مين بلاول ڀٽو زرداري  فلسطين جي شهر غزا جي الاهلي عرب اسپتال تي اسرائيلي هوائي حملي  جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ان حملي سان ظلم جون سموريون حدون پار ٿي ويو ن آهن ،ميڊيا سيل بلاول ڀٽو جي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  اسپتال تي اسرائيل جو هوائي حملو شرم جوڳو آهي، هوڏانهن  پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائزر مريم نواز شريف غزه جي اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي  شديد مذمت ڪندي چيو ته ٻارن، عورتن۽ اسپتال ۾ زير علاج ماڻهن تي بم هڻڻ بربريت جي انتها آهي، ٻئي پاسي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته غزه جي اسپتال تي بمباري ڪري 800 کان وڌيڪ انسانن کي شهيد ڪري جيڪو بربريت، ظلم ۽ انسانيت سوز مظاهرو اسرائيل  ڪيو آهي، جنگي ڏوهن جي تاريخ ۾ ان جو مثال مشڪل ملي سگهي. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسرائيل جي ان جنگي ڏوهه، ظلم ۽ بربريت ۾ آمريڪا ۽ يورپ جا ملڪ برابر جا شريڪ آهن، هوڏانهن سينٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب خان شير پائو حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.