ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن وقت پاڪستان صحيح رخ ۾ نه پيو وڃي، ان لاءِ سماج ۾ ورهاست ۽ مخالفت جي سياست کي ختم ڪري جمهوريت ۽ مفاهمت جي سياست کي بحال ڪرڻو پوندو.ڪارساز سانحي جي ورسي جي موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18 آڪٽوبر تي بزدل دهشتگردن رات جي اونداهي ۾ حملو ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جا 200 ڪارڪن شهيد ٿيا، پر هنن هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي ۽ بهادري جو ثبوت ڏنو. هن چيو ته ڪراچي جو عوام فلسطين جي عوام سان گڏ بيٺو آهي ، فلسطين جو عوام تيستائين اڪيلو نه ٿو رهي سگهي جيستائين پاڪستان آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو هن ملڪ جي پهرين وزيراعظم هئي جنهن فلسطين ۽ غزه جو دورو ڪري دنيا کي ڏيکاريو ته پاڪستان جي چونڊيل وزيراعظم حق سان گڏ بيٺي آهي.هن چيو ته اڄ پاڪستان هر ڳالهه تي ورهايل آهي، جيڪڏهن اسان کي پنهنجي قومي مسئلن جو حل ڳولڻو آهي ته اسان کي اتحاد قائم ڪرڻو پوندو، نفرت، ورهائڻ ۽ گار جي سياست کي ڇڏڻو پوندو، پراڻا رويا، پراڻيون روايتون ۽ پراڻي سياست ختم ڪرڻي پوندي. اڄ پاڪستان لاءِ نئين سوچ ۽ نئين سياست جي ضرورت آهي بلاول ڀٽو چيو ته اسان کي نئين دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ نئين قيادت جي ضرورت آهي، اهڙي قيادت جيڪا ماضي ۾ نه ڦاسي ۽ اسان سڀني جي مستقبل جو سوچي، اسان کي 90 جو پاڪستان يا 2017 جو پاڪستان نه گهرجي، اڄ جو پاڪستان چاهيون ٿا. پاڪستان ۾چونڊون ڪرائڻيون پونديون، پارليامينٽ ۽ سياست کي جاءِ ڏيڻي پوندي هن چيو ته اسان کي سياست ۾ رواداري پيدا ڪرڻي آهي، اختلاف جي گنجائش ڇڏڻي پوندي ۽ ملڪ کي آئين ۽ قانون موجب هلائڻو پوندو، جمهوري سياست کي بحال ڪرڻو پوندو ۽ انا جي سياست کي دفن ڪرڻو پوندو، اسان کي عوام تي اعتماد ڪرڻو پوندو. هن ملڪ جي مالڪن ۽ وارثن کي ۽ هن ملڪ جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق صرف هن عوام کي آهي ۽ اهي مستقبل جا فيصلا تڏهن ئي ڪري سگهندا، جڏهن انهن کي ووٽ جو حق ملندو ۽ هو پنهنجا حڪمران چونڊي سگهندا.هن چيو ته ماضي ۾ صدر آصف علي زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو ۽ جيڪي مٿس تنقيد ڪندا هئا ته پاڪستان جو صدر هر مهيني چين جو دورو ڇو ڪندو آهي، اڄ اهي سي پيڪ جو ڪريڊٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.هن چيو ته جيستائين اسان پاڻ ۾ وڙهندا رهنداسين تيستائين پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي،اسان جو مطالبو آهي ته جن پاڪستان جو آئين ٽوڙيو، قومي سلامتي تي سمجهوتو ڪيو،پاڪستان جي ادارن تي حملو ڪيو انهن کي سزا ملڻ گهرجي ته جيئن سڄي پاڪستان کي خبر پوي ته ڪير غلط ۽ ڪير صحيح آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ پاڪستان جي جمهوريت، پاڪستان جو آئين ۽ پاڪستان جي چونڊن کي هڪ شخص جي واپسي لاءِ روڪيو ويو آهي، واپسي ته خوش آئند ڳالهه آهي، ڇو ته گذريل 16 مهينن جي حڪومت اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان کي لنڊن مان نٿو هلائي سگهجي، ڪنهن کي هتي موجود رهڻو پوندو ۽ پنهنجي عوام جي سوال جو جواب ڏيڻو پوندو هن چيو ته اميد آهي ته رياست جي ڀرپور ڪوشش کان پوءِ استقبال به وڏو ٿيندو ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جلد چونڊن جي تاريخ ۽ شيڊول جو اعلان ڪندي ته جيئن اسان هڪ اليڪشن ذريعي هن تقسيم ۽ نفرت کي ختم ڪري اڳتي وڌي سگهون. هن چيو ته اميد آهي ته اسان جا اڳوڻا اتحادي به قبول ڪندا ته اليڪشن ۾ بار بار دير ڪرڻ ووٽ کي عزت نه ووٽ جي بي عزتي آهي، مان پنهنجي حق جو مطالبو ۽ جدوجهد جاري رکندس،اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان لاءِ اميد جو ڪرڻو بلاول ڀٽو جلد ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو، پ پ اڳواڻ قائم علي شاهه چيو ته 18 آڪٽوبر پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، پ پ ڪارڪنن جو ڪو به مقابلو نٿو ڪري سگهي،ملڪ کي تنهنجو نه منهنجو بلڪه اسان سڀني جو پاڪستان تحت هلائڻو پوندو،